اسلام آباد-29 مئي (اي پي پي) واپار واري وفاقي وزير ڄام ڪمال خان چيو آهي ته اسان جا دروازا جاپاني سيڙپڪارن لاءِ کُليل آهن، اسان جاپان کي نه صرف هڪ حصيدار پر پاڪستان جي معيشت کي جديد رُخن تي اختيار ڪرڻ لاءِ هڪ محرڪ قوت طور تي ڏسون ٿا، جاپان جي ٽيڪنالاجي ۽ اسان جي وسيلن کي گڏائي اسان هڪ پائيدار صنعتي مستقبل تعمير ڪري سگهون ٿا. اهڙو اظهار هن ٽوڪيو ۾ جاپان انٽرنيشنل ڪوآپريشن ايجنسي (جائيڪا)، جاپان ايڪسٽرنل ٽريڊ آرگنائيزيشن (جيٽرو) ۽ جاپان- پاڪستان بزنس ڪوآپريشن ڪميٽي (جي پي بي سي سي) سان اعليٰ سطحي ملاقاتن دوران ڪيو. وفاقي وزير ملاقاتن ۾ پائيداري، جدت ۽ اقتصادي انضمام تي ٻَڌل گڏيل مفادن واري حصيداريءَ کي هٿي ڏيڻ جي پاڪستان جي عزم کي ورجايو. سمورين ملاقاتن ۾ وفاقي وزير ٽامي، سون ۽ ٻين صنعتي معدني ذخيرن کي جاپاني سيڙپڪارن لاءِ هڪ اسٽريٽجڪ موقعو قرار ڏنو. هن جاپاني ڪمپنين کي دعوت ڏني ته اهي ڳولا، جديد پراسيسنگ ٽيڪنالاجيز ۽ ويلو چين جي ترقيءَ ۾ شامل ٿين ۽ پاڪستان جي جاگرافيائي بيهڪ مان فائدو حاصل ڪن. ڄام ڪمال خان چيو ته اسان جو معدني شعبو اڃا به وڏي حد تائين غير دريافت ٿيل آهي جنهن لاءِ اسان جاپاني حصيدارن کي اعليٰ قدر جي منصوبن ۾ شامل ڪرڻ جي دعوت ڏيون ٿا جيڪو اهم معدنيات جي پائيداري سپلاءِ چينز قائم ڪرڻ ۾ مددگار ثابت ٿيندو. هن چيو ته پاڪستان ٽيڪنالاجي جي منتقلي، پبلڪ پرائيويٽ پارٽنرشپ ۽ اهڙي سيڙپڪاري فريم ورڪ لاءِ تيار آهي جيڪا گڏيل فائدي ۽ پائيدار اثرن کي يقيني بنائي. جائيڪا جي سينيئر نائب صدر هارا شوهي ۽ ڏکڻ ايشيا ڊپارٽمينٽ جي آفيسرن سان ڳالهائيندي وفاقي وزير زور ڀريو ته مستقبل جي حصيداري پاڪستان جي قومي ترجيحن موجب هئڻ گهرجي. هن جائيڪا طرفان گذريل سالن ۾ 11.7 ارب ڊالرن جي معاونت کي ساراهيو جيڪا لڏپلاڻ، توانائي، ووڪيشنل تربيت ۽ آفتن کي مُنهن ڏيڻ جهڙن شعبن ۾ ڏني وئي. هن جائيڪا تي زور ڀريو ته هو صنعتي ڪلسٽرز ۽ لاجسٽڪس ڪوريڊورز لاءِ اضافي معاونت فراهم ڪري ته جيئن معدني روانگي واپار ۽ ويليو ايڊڊ پيداوار ۾ واڌ ٿي سگهي. واپار واري وفاقي وزير ڊجيٽل ۽ گرين ٽيڪنالاجيز سميت جديد صنعتن ۾ پاڪستاني صلاحيت کي وڌائڻ لاءِ فني معاونت کي هٿي ڏيڻ جي به درخواست ڪئي. هن ٽيڪس، توانائي، زراعت ۽ انساني وسيلن جي شعبي ۾ جاري سڌارن تي روشني وڌي. جيٽرو جي صدر سسوموڪاتا اوڪا ۽ ايگزيڪيوٽو نائب صدر ڪازويانا ڪاجو سان ملاقات ۾ واپار واري وزير پاڪستان ۽ جاپان وچ ۾ واپار ۽ سيڙپڪاريءَ کي هٿي ڏيڻ ۾ جيٽرو جي اهم ڪردار کي ساراهيو. هن جاپاني ڪمپنين کي پاڪستان جي اسپيشل اڪنامڪ زونز ۽ ويليو ايڊڊ شعبن جهڙوڪ آءِ سي ٽي، انجنيئرنگ ۽ فوڊ پروسيسنگ ۾ سيڙپڪاري جا موقعا تلاش ڪرڻ تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي. هن جيٽرو کي درخواست ڪئي ته هو جاپاني صنعتي ادارن ۾ پاڪستان جي معدني سيڙپڪاريءَ جي امڪانن کي اجاگر ڪرن لاءِ خصوصي مهمن، سيمينارن ۽ بي ٽو بي سرگرمين جو بندوبست ڪيو. هن جاپاني ڪمپنين کي ٽي ڊي اي پي طرفان رٿيل پاڪستان جي نمايان واپاري نمائش ۾ شرڪت جي دعوت ڏني ته جيئن عملي حصيداري جا موقعا پيدا ڪري سگهن. جاپان- پاڪستان بزنس ڪوآپريشن ڪميٽيءَ طرفان ڏنل سانجهاندي دوران واپار واري وزير ڪميٽي جي پراڻي ڪردار کي ساراهيو جيڪو پاڪستان ۽ جاپان وچ ۾ بزنس ٽو بزنس رابطن کي مستحڪم بڻائڻ ۾ اڳيان اڳيان رهي آهي. هن جي پي بي سي سي تي زور ڀريو ته هو پاڪستان –جاپان بزنس ڊائيلاگ جي تياري ۾ فعال ڪردار ادا ڪري، خاص ڪري معدني سهڪار، مينيوفيڪچرنگ، انجنيئرنگ ۽ زرعي ويليو چينز جي شعبن ۾ سفارشون پيش ڪري. هن ان ڳالهه جي خاطري ڪرائي ته پاڪستان سيڙپڪار دوست ملڪ آهي ۽ جاپاني ڪمپنين جي خدشن کي اعليٰ سطحي بين الوزارتي رابطن ذريعي ترجيحي بنيادن تي حل ڪيو پيو وڃي.