اسلام آباد-29 مئي (اي پي پي) ريلوي واري وزارت ۾ پري بجيٽ ميٽنگ ٿي گذري، جنهن ۾ ريلوي نظام جي ڊجيٽلائيزيشن جي حوالي سان اهم معاملن تي غور ويچار ڪيو ويو. اجلاس جي صدارت ريلوي واري وفاقي وزير محمد حنيف عباسي ڪئي. وفاقي وزير ان موقعي تي چيو ته حڪومت جي ترجيح آهي ته ريلوي نظام کي مڪمل طور ڊجيٽل ڪري مسافرن کي جديد، شفاف ۽ مؤثر سهولتون فراهم ڪيون وڃن. هن ٻُڌايو ته 25ع کان 30ع لاءِ ريلوي جي ڊجيٽلائيزيشن جو تفصيلي فريم ورڪ تيار ڪيو ويو آهي جنهن کي ايندڙ بجيٽ ۾ ترجيحي بنيادن تي شامل ڪيو ويندو. اجلاس ۾ فيصلو ڪيو ويو ته ريلوي انفراسٽرڪچر جي جديد ڪاري ۽ اپ گريڊيشن لاءِ مناسب مالي وسيلا رکيا ويندا ته جيئن نظام جي ڪارڪردگي ۽ خدمتن ۾ نمايان بهتري ممڪن ٿي سگهي. گورنمينٽ ٽو گورنمينٽ ۽ پبلڪ پرائيويٽ پارٽنرشپ تحت حصيداريءَ کي اڳتي وڌايو ويندو ته جيئن نجي شعبي جي شموليت سان ريلوي جي شعبي جي ترقي ممڪن ٿي سگهي. ملڪ ۾ اِي ٽڪيٽنگ سسٽم جي واڌ لاءِ بجيٽ ۾ فنڊ رکيا ويندا ته جيئن مسافرن کي آسان، تيز ۽ شفاف ٽڪيٽنگ جي سهولت ميسر ٿئي. ان سان گڏوگڏ رابطا ايپ جي ترقي ۽ بهتريءَ لاءِ به مالي معاونت فراهم ڪئي ويندي ته جيئن عوام کي ريلوي خدمتن سان همڪنار ڪري سگهجي. ريلوي اسٽيشنز، فٽ اوورز ۽ پُلين جي برانڊنگ لاءِ به سيڙپڪاري ڪئي ويندي ته جيئن ريلوي جي عوام انفراسٽرڪچر جي خوبصورت ۽ سُڃاڻپ ۾ واڌ ٿي سگهي. ان کان علاوه ريلوي عملي جي صلاحيت سازي ۽ تربيتي پروگرامز لاءِ مالي معاونت ڏني ويندي ته جيئن عملو جديد گهرجن سان هم آهنگ ٿئي. ريلوي واري وزير عوامي شفافيت ۽ ڊجيٽل شموليت کي هٿي ڏيڻ لاءِ مختلف قدمن جي به منظوري ڏني ته جيئن هر شهريءَ کي ريلوي خدمتن تائين برابري واري رسائي حاصل هجي. منصوبن جي اڳڀرائي جي باقاعده مانيٽرنگ ۽ جائزي لاءِ به وسيلا رکيا ويندا ته جئين مقرر هدف وقت سر حاصل ڪري سگهجن. ريلوي واري وفاقي وزير زور ڀريو ته 25ع کان 30ع تائين ريلوي جو ڊجيٽل انقلاب پاڪستان جي ٽرانسپورٽ جي تاريخ ۾ نئون باب لکندو. ان مقصد لاءِ بجيٽ جي وقت سر منظوري انتهائي ضروري آهي.