واشنگٽن-29 مئي (اي پي پي) آمريڪا جي وفاقي عدالت صدر ڊونلڊ ٽرمپ طرفان ٻين ملڪن تي لاڳو ڪيل واپاري ٽيڪس کي غير قانوني قرار ڏئي ڇڏيو آهي جڏهن ته آمريڪي انتظاميه ان فيصلي خلاف عدالت ۾ اپيل داخل ڪري ڇڏي آهي. پرڏيهي ميڊيا موجب عالمي واپار بابت آمريڪا جي عدالت پنهنجي فيصلي ۾ چيو آهي ته وائيٽ هائوس طرفان ٽيرف لڳائڻ لاءِ استعمال ڪيل قانون صدر کي هڪطرفي طور تي ٻين ملڪن تي امپورٽ محصول لاڳو ڪرڻ جي اجازت نٿو ڏي، عدالت جو چوڻ آهي ته آمريڪي آئين موجب صرف ڪانگريس کي ئي ٻين ملڪن سان واپار تي فيصلي ڪرڻ جو اختيار آهي، صدر معيشت کي تحفظ ڏيڻ لاءِ ڪانگريس جي انهن اختيارن کي ختم نٿو ڪري سگهي. عدالت آمريڪا طرفان ڌار سان چين، ميڪسيڪو ۽ ڪينيڊا تي لڳايل محصول کي به ڪالعدم قرار ڏئي ڇڏيو. آمريڪي انتظاميه الزام لڳايو هو ته انهن ملڪن کان آمريڪا ۾ منشيات ۽ غير قانوني پرڏيهي داخل ٿيندا آهن. هي ڪيس لبرٽي جسٽس سينٽر ذريعي پنجن اهڙين ڪمپنين داخل ڪيو هو جيڪي انهن ملڪن کان شيون گهرائينديون آهن، جن تي صدر ڊونلڊ ٽرمپ جي انتظاميه ٽيرف لاڳو ڪيا آهن. ٽرمپ انتظاميه عدالت جي ان فيصلي خلاف اپيل داخل ڪئي آهي. وائيٽ هائوس جي ڊپٽي پريس سيڪريٽري ڪش ڊيسائي هڪ بيان ۾ چيو ته اهو فيصلو ڪرڻ اڻ چونڊيل ججن جو ڪم ناهي ته قومي هنگامي صورتحال کي ڪيئن منهن ڏنو وڃي. هن جو چوڻ هو ته صدر ڊونلڊ ٽرمپ آمريڪا کي سڀ کان پهرين رکڻ جو واعدو ڪيو هو ۽ انتظاميه ان بحران کي منهن ڏيڻ ۽ ملڪي عظمت بحال ڪرڻ لاءِ هر سطح تي انتظامي طاقت کي استعمال ڪرڻ لاءِ پرعزم آهي.