اسلام آباد – 29 مئي (اي پي پي) پاڪستان ۾ رومانيا جي سفير ڊاڪٽر ڊين اسٽوينيسڪو ڪالهه خميس ڏينهن قومي خابرو اداري ايسوسيئيٽيڊ پريس آف پاڪستان (اي پي پي) جي مئنيجنگ ڊائريڪٽر محمد عاصم کچي سان ملاقات ڪئي ۽ ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ ميڊيا جي شعبي ۾ تعاون کي سگهه ڏيڻ تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي. سفير خبرن جي مٽاسٽا کي فروغ ڏيڻ جي لاءِ ”اي پي پي“ ۽ رومانيا جي خابرو اداري ”ايجر پريس“ جي وچ ۾ صحافين جي مٽاسٽا جي اهميت کي اجاگر ڪيو. هن موجوده ڊيجيٽل دور ۾ جديد معلوماتي ذريعن جي موثر استعمال جي ضرورت تي پڻ زور ڏنو. اي پي پي جي ايم ڊي ۽ رومانيا جي سفير گهڻ رخي حصيداري سميت ميڊيا انڊسٽري ۾ تعاون کي وڌيڪ سگهه ڏيڻ جي طريقن تي پڻ خيالن جي ڏي وٺ ڪئي.

هن خبرن جي مٽاسٽا ۾ وڌيڪ حصيداري ۽ تعاون ۽ گڏيل مفاد ۾ گڏجي ڪم ڪرڻ جي عزم جو اظهار ڪيو. سفير ڊاڪٽر ڊين اسٽوينيسڪو سياحت، تعليم ۽ عوامي سطح تي رابطن جي فروغ ۾ تعاون وڌائڻ ۾ دلچسپي ظاهر ڪئي ته جيئن ٻنهي قومن جي وچ ۾ بهتر افهام تفهيم کي فروغ ڏئي سگهجي. ايسوسيئيٽيڊ پريس آف پاڪستان جي مئنيجنگ ڊائريڪٽر عاصم کچي ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ ميڊيا جي شعبي ۾ تعاون ۽ خبرن جي مٽاسٽا جي لاءِ ”اي پي پي“ پاران هر ممڪن تعاون جي خاطري ڪرائي. اي پي پي/ع – ک/ش – چ 20:33