اسلام آباد -15 جون (اي پي پي) قانون ۽ انصاف واري وفاقي وزير سينيٽر اعظم نذير تارڙ بزرگن سان بدسلوڪي (استحصال) سان لاڳاپيل آگاهي جي عالمي ڏهاڙي جي موقعي تي چيو آهي، ته انسان ارتقائي عمل مان گذري ٿو، زندگي جي ارتقا انسان کي هڪ ڀيرو ٻيهر ننڍپڻ ڏانهن ڌڪي ڇڏيندي آهي، بزرگن جي عزت ڪئي وڃي، سندن زندگين ۾ آسانيون فراهم ڪيون وڃن، زنده قومون پنهنجي ايندڙ نسلن لاءِ سبق ڇڏي وينديون آهن جيڪي مشعل راهه جو ڪم ڪنديون آهي. حڪومت ۽ پاڪستاني معاشرو پنهنجي روايتن کي برقرار رکندي پنهنجي بزرگن لاءِ احترام رکي ٿو ۽ سندن زندگين ۾ آسانيون پيدا ڪرڻ اسان پنهنجو فرض سمجهون ٿا. انهن خيالن جو اظهار هن بزرگن سان بدسلوڪي سبب آگاهي جي عالمي ڏهاڙي جي موقعي تي پنهنجي هڪ ويڊيو پيغام ۾ ڪيو. وفاقي وزير چيو ته اڄ اسان بزرگن سان بدسلوڪي (استحصال) سان لاڳاپيل آگاهي جو عالمي ڏهاڙو ملهائي رهيا آهيون. هن چيو ته انسان ارتقائي عمل مان گذرندي ننڍپڻ کان جواني ۽ پوءِ ڪراڙپ ڏانهن سفر ڪري ٿو ۽ پنهنجي زندگي ۾ اهو سموريون بهارون ڏسي ٿو. اعظم نذير تارڙ عوام کي اپيل ڪندي چيو ته بزرگن جي عزت ڪئي وڃي، ڪوشش ڪيو ته انهن جي زندگي ۾ آسانيون فراهم ڪيو، ڇاڪاڻ ته هو اسان سڀني کي آسانيون ڏيندا رهيا آهن. هن چيو ته پنهنجي آسپاس بزرگن جو خاص خيال رکو. وفاقي وزير چيو ته زنده قومون پنهنجي ايندڙ نسلن لاءِ هڪ سبق ڇڏي وينديون آهن جيڪي اسان لاءِ مشعل راهه جو ڪم ڪنديون آهي ته جيئن اسان جون ايندڙ نسلون به اسان جو انهي طرح خيال رکن ۽ اسان ان کي پنهنجو فرض سمجهندا آهيون.