رياض – 15 جون (اي پي پي) سعودي ولي عهد ۽ وزيراعظم شهزاده محمد بن سلمان ايران جي صدر شاڪٽر مسعود بزشڪيان سان ٽيليفون تي رابطو ڪيو آهي. پرڏيهي ميڊيا مطابق ٽيليفونڪ رابطي ۾ ولي عهد اسرائيلي جارحيت جي مذمت ڪندي حملي ۾ شهيد ٿيلن جي ڪٽنب ڀاتين سان تعزيت جو اظهار ۽ زخمين جي جلدي صحتيابي جي اميد جو اظهار ڪيو. ولي عهد شهزاده محمد بن سلمان ايران تي اسرائيلي حملن جي حوالي سان مملڪت جي مذمتي موقف جو ورجاءُ ڪيو ۽ انهن حملن کي ايران جي خودمختياري ۽ سلامتي کي سبوتاز ڪرڻ، عالمي قانونن ۽ اصولن جي ڀڃڪڙي قرار ڏنو. هن ان موقف کي ورجايو ته اسرائيلي حملن ايران جي ايٽمي پروگرام بابت بحران جي حل لاءِ جاري ڳالهين، ڇڪتاڻ ۾ گهٽتائي ۽ سفارتي حل تائين پهچڻ جي ڪوششن ۾ رڪاوٽ وڌي آهي.