واشنگٽن – 15 جون (اي پي پي) آمريڪا جي رياست مينيسوٽا ۾ هڪ هٿياربند ٻن قانون سازن تي فائرنگ ڪئي جنهن جي نتيجي ۾ اڳوڻي هائوس اسپيڪر ميليسا هارٽميسن ۽ سندس مڙس مارجي ويا آهن جڏهن ته ٻيو قانون ساز زخمي ٿيو آهي. پرڏيهي خابرو اداري مطابق گذريل ڏينهن مينيسوٽا جي گورنر ٻڌايو ته مينپوليس ويجهو ٻن مختلف علائقن ۾ قانون ساز اسيمبلي جي ميمبرن جي گهرن تي حملي ڪيا ويا جن جي نتيجي ۾ اڳوڻي هائوس اسپيڪر مڙس سميت مارجي وئي. هن چيو ته ڊيموڪريٽ اسٽيٽ جان هوفمسين ۽ سندس زال کي به گوليون هنيون ويون آهن. سندن سرجري ٿي وئي آهي ۽ توقع آهي ته سندن حالت بهتر ٿي ويندي. آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ طرفان فائرنگ جي واقعي جي مذمت ڪئي وئي آهي.