دبئي – 15 جون (اي پي پي) گڏيل عرب امارتن جي انساني وسيلن ۽ اماراتائزيشن واري وزارت کليل هنڌن يا سڌي ريت اس ۾ ڪارڪنن جي ڊيوٽي تي پابندي جي شروعات ڪري ڇڏي آهي جيڪا 15 سيپٽمبر تا.ين جاري رهندي. پرڏيهي ميڊيا مطابق وزارت طرفان جاري بيان ۾ چيو ويو آهي ته روزانو منجهند ساڍي 12 کان 3 وڳي تائين پابندي لاڳو رهندي. اهو قدم گرمين جي موسم ۾ ڪارڪنن جي صحت ۽ حفاظت لاءِ 21 سال اڳ متعارف ڪرايو ويو هو. وزارت چيو ته ڀڃڪڙي جو اطلاع وزارت جي ٽول فري نمبر، ويب سائٽ يا سمارٽ ايپلي ڪيشن تي ڏئي سگهجي ٿي.