اسلام آباد -15 جون (اي پي پي) پاڪستان ۾ اسلامي تعاون تنظيم جي سائنسي ۽ فني تعاون واري وزارتي اسٽينڊنگ ڪميٽي (ڪامسٽيڪ) ۽ ورلڊ يونيورسٽي ايسوسيئيشن آف ڪميونٽي ڊولپمينٽ وچ ۾ سائنس، ٽيڪنالاجي ۽ اعليٰ تعليم جي شعبن ۾ سهڪار کي هٿي وٺائڻ لاءِ مفاهمت جي يادداشتنامي تي صحيحيون ڪيون ويون. جاري پريس پڌرائي مطابق مفاهمت جي يادداشت تي صحيحيون ڪرڻ واري تقريب انڊونيشيا جي مشهور ايئرلانگا يونيورسٽي ۾ منعقد ٿي. ڪامسٽيڪ طرفان ڪو آرڊينيٽر جنرل پروفيسر ڊاڪٽر محمد اقبال چوڌري جڏهن ته ڊبليو يو اي سي ڊي طرفان پروفيسر ڊاڪٽر محمد ناصح، ريڪٽر ائرلانگا يونيورسٽي ۽ صدر ڊبليو يو اي سي ڊي معاهدي تي صحيحيون ڪيون. ڊبليو، يو اي سي ڊي ايئر لانگا يونيورسٽي جو اهو قدم جيڪو عالمي نيٽ ورڪ جو آهي، 11 ملڪن جي 41 يونيورسٽ:ن تي ٻڌل آهي ۽ تعليم ۽ تحقيق ذريعي معاشرتي بهتري لاءِ ڪم ڪري رهيو آهي. ان معاهدي جو مقصد او آءِ سي جي ميمبر ملڪن وچ ۾ تحقيقي رابطن، علمي مٽاسٽا ۽ جديد سائنسي شعبن ۾ شراڪتداري کي هٿي ڏيڻ آهي، جن ۾ مصنوعي ذهانت، سائبر سيڪيورٽي، صحت ۽ انجنيئرنگ شامل آهن. معاهدي تحت ٻئي ادارا ٿوري وقت (ٽن يا چئن هفتن) جو تربيتي پروگرام ۽ گهڻي وقت (ڇهن کان ٻارنهن مهينن) وارا ريسرچ فيلوشپس فراهم ڪندا. ان موقعي تي ڪامسٽيڪ ڊبليو يو اي سي ڊي جي ايندڙ سالياني اجلاس کي اسلام آباد ۾ منعقد ڪرڻ جي آڇ به ڪئي، جنهن کي تنظيم جي قيادت خوشيءَ سان قبول ڪيو. ان قدم کي مسلم دنيا اندر علمي سفارتڪاري ۽ علائقائي شراڪتداري کي هٿي وٺرائڻ طرف هڪ اهم قدم قرار ڏنو پيو وڃي. بنهي ادارن جي اختيارين ان معاهدي کي سائنسي ترقي، اداره جاتي مضبوطي، ۽ پائيدار ترقياتي هدف حاصل ڪرڻ لاءِ هڪ اهم سنگ ميل قرار ڏنو. اميد آهي ته اها شراڪتداري اسلامي دنيا ۾ سائنسي صلاحيتن کي هٿي وٺائڻ ۽ معاشرتي بهتري لاءِ نيون راهون کوليندي.