اسلام آباد-15 جون (اي پي پي) بغداد ۾ پاڪستاني سفارتخاني، عراق ۾ رهندڙ سمورن پاڪستاني شهرين کي هدايت ڪئي آهي ته هو موجوده سيڪيورٽي صورتحال کي نظر ۾ رکندي محتاط رهن، غير ضروري سفر کان پاسو ڪن. آچر ڏينهن بغداد مان پاڪستاني سفارتخاني طرفان جاري ڪيل هدايت نامي ۾ عراق ۾ رهندڙ سمورن پاڪستاني شهرين کي هدايت ڪئي وئي آهي ته هو پنهنجي چرپر کي محدود رکن، ڪنهن به هنگامي صورتحال ۾ مدد لاءِ وٽس ايپ نمبرز تي رابطو ڪن. 009647839800899، 009647834950183، 009647834950311.