رياض – 15 جون (اي پي پي) سعودي عرب جي ولي عهد ۽ وزيراعظم شهزاده محمد بن سلمان سان برطانوي وزيراعظم ڪيئر اسٽارمر ٽيليفون تي رابطو ڪيو آهي. پرڏيهي ميڊيا مطابق رابطي دوران خطي جي صورتحال، ايران خلاف اسرائيلي ملٽري آپريشنز جي اثرن، ڇڪتان ۾ گهٽتائي ۽ سمورن تڪرارن کي سفارتي ذريعن سان حل ڪرڻ جي حوالي سان سمورن ڪوششن جي اهميت تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي.