پيرس – 15 جون (اي پي پي) فرانس جي صدر ايمانويل ميڪرون چيو آهي ته نيويارڪ ۾ سعودي عرب سان منعقد ڪيل هڪ تقريب ۾ ان جو ملڪ فلسطين جي رياست کي تسليم ڪندو. پرڏيهي خابرو ادري مطابق هڪ انٽرويو ۾ هن کان سوال ڪيو ويو ته ڇا فلسطين جي رياست کي تسلين ڪرڻ جون ڪي شرطون آهن ته هن چيو ته ڪي شرطون ناهن. رياست کي هڪ طريقيڪار تحت تسليم ڪيو ويندو جنهن ۾ غزه جي جنگ کي بند ڪرڻ، انساني امداد کي بحال ڪرڻ، اسرائيلي يرغمالين کي آزاد ڪرائڻ ۽ حماس کي غير هٿياربن ڪرڻ شامل آهي. اهو هڪ پيڪيج آهي. ايمانويل ميڪرون اشارو ڏنو ته سعودي عرب ۽ فرانس ايندڙ هفتي نيويارڪ ۾ گڏيل صدارت منعقد ٿيندڙ گڏيل قومن جي ڪانفرنس کي ملتوي ڪرڻ تي اتفاق ڪيو آهي. هن مطابق موجوده صورتحال ۾ فلسطيني صدر محمود عباس لاءِ نيويارڪ اچڻ ڏکيو آهي.