اسلام آباد – 29 مئي (اي پي پي) قومي اسيمبلي جي اطلاعات ۽ نشريات بابت اسٽينڊنگ ڪميٽي ڀارتي جارحيت کي شڪست ڏيڻ ۽ ملڪ جي خودمختياري جي دفاع تي پاڪستان جي بهادر هٿياربند فوج جي پيشيواراڻي صلاحيتن کي خراج تحسين پيش ڪرڻ جي قرارداد متفقه طور تي منظور ڪري ورتي. قرارداد ۾ پاڪ فوج سان مڪمل يڪجهتي جو اظهار ڪندي قومي سلامتي جي تحفظ ۾ پاڪ فوج جي ڪردار کي ساراهيو ويو. ڪميٽي پاڪ ڀارت ڇڪتاڻ دوران پاڪستان جي وزيراعظم جي قائداڻي ڪردار کي پڻ ساراهيو ۽ تازي بحران دوران حقيقتن تي ٻڌل ۽ ذميواراڻي ڪوريج ڪرڻ، دشمن پاران ڦهلايل جعلي خبرن ۽ پروپئگنڊه جو مقابلو ڪرڻ ۾ پاڪستان جي نجي ۽ سرڪاري ميڊيا جي موثر ڪردار کي پڻ ساراهيو ويو. ڪميٽي امن قائم ڪرڻ جي لاءِ پاڪستان جي عزم جو ورجاءُ ڪندي چيو ته هر جارحيت جو ڀرپور، موثر ۽ پيشيواراڻو جواب ڏنو ويندو. ڪميٽي جو اجلاس پي ٽي وي هيڊڪوارٽرز اسلام آباد ۾ قومي اسيمبلي ميمبر پلين بلوچ جي صدارت ۾ ٿيو. اجلاس ۾ پي ٽي وي سان لاڳاپيل معاملن تي پڻ تفصيلي غور ويچار ڪيو ويو. ڪميٽي پي ٽي وي انتظاميا کي هدايت ڪئي ته ايندڙ عيد کان اڳ حاضر سروس ۽ رٽائرڊ ملازمن کي پگهارن ۽ پينشن جي وقت سر ادائيگي يقيني بڻائي وڃي. پي بي سي ۽ ايس آر بي سي جي ملازمن جي ادائيگين جي حوالي سان پڻ لاڳاپيل عملدارن کي هدايتون جاري ڪيون ويون. ڪميٽي کي بريفنگ ۾ ٻڌايو ويو ته مالي سال 24 – 2023ع دوران پي ٽي وي 6197 ملين رپين جي مقرر هدف جي مقابلي ۾ 7503 ملين رپين جي آمدني حاصل ڪئي جڏهن ته هلندڙ مالي سال جا هدف حاصل ڪرڻ جي اميد آهي. ڪميٽي کي ٻڌايو ويو ته پي ٽي وي کي مالي مشڪلاتون درپيش آهن ۽ بجلي جي بلن ۾ ٽي وي فيس جي مد ۾ جمع ٿيندڙ 10 ارب رپين جو وڏو حصو پگهارن ۽ پينشن جي ادائيگي جي لاءِ استعمال ڪيو وڃي ٿو. ڪميٽي کي وڌيڪ ٻڌايو ويو ته پي ٽي وي اسڪرينن ۾ جدت ۽ نون چهرن جي ڪري پي ٽي وي جي ناظرين جي انگ ۾ اضافو ٿيو آهي. ڪميٽي کي وڌيڪ ٻڌايو ويو ته پي ٽي وي وٽ پينشن مئنيجمينٽ جو هڪ ٺوس نظام موجود آهي جڏهن ته ان ۾ وڌيڪ بهتري جي لاءِ پنجاب انفارميشن ٽيڪنالاجي بورڊ سان ڳالهه ٻولهه ڪئي پئي وڃي. پگهارن جي ادائيگي ۾ دير جي حوالي سان ڪميٽي کي ٻڌايو ويو ته انتهائي اهم عالمي مالياتي ذميوارين جي ادائيگي ۽ عالمي ميڊيا جي حقن جي حصول لاءِ فنڊز جي منتقلي جي ڪري پي ٽي وي کي عارضي مالي مشڪلاتن کي منهن ڏيڻو پيو. پي ٽي وي انتظاميا پرفارمنگ ۽ سياسي طور تي مقرر ملازمن جا تفصيل پڻ ڪميٽي آڏو پيش ڪيا جن کي موجوده نئين سر جوڙجڪ جي دوران ملازمت کان فارغ ڪيو ويو هو. ڪميٽي اسلام آباد جي سيڪٽر ايف – 15/ ايف – 14 ۽ بهاره ڪهو ۾ صحافين کي پلاٽن جي الاٽمينٽ ۾ دير جو نوٽيس وٺندي وزارت کي هدايت ڪئي ته ٻن مهينن ۾ درخواستون جي ڇنڊڇاڻ کي حتمي شڪل ڏني وڃي ۽ سمورن متاثر ماڻهن جي شڪايتن جو ازالو ڪيو وڃي. ڪميٽي پيمرا (ترميمي) بل 2025ع بابت ايم اين اي مهتاب اڪبر راشدي جي ڪنوينرشپ تحت مقرر ڪيل ذيلي ڪميٽي جي رپورٽ تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي ۽ پيمرا کي هدايت ڪئي ته هو ذيلي ڪميٽي جي سفارشن تي پنهنجو موقف پيش ڪري. ڪميٽي جي ڪنوينئر ۽ بل جي محرڪ ڪميٽي کي بحث هيٺ رپورٽ بابت آگاهه ڪيو. اجلاس ۾ اطلاعات واري پارلياماني سيڪريٽري بئريسٽر دانيال چوڌري، قومي اسيمبلي ميمبرن نديم عباس، ڪرن عمران ڊار، آسيه ناز تنولي، ڪرن حيدر، صلاح الدين جوڻيجو، مهتاب اڪبر راشدي، سحر ڪامران، سيد امين الحق، رعنا انصار، آصف خان، وقاص اڪرم، محمد معظم علي خان، مولانا عبدالغفور حيدري شرڪت ڪئي. اطلاعات واري وزارت جي نمائندگي اطلاعات واري سيڪريٽري، ڊائريڪٽر جنرل (آءِ پي)، ڊائريڪٽر جنرل (پي بي سي) ۽ وزارت جي ماتحت ادارن جي ٻين آفيسرن ڪئي.