اسلام آباد – 29 مئي (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير عطاءُ الله تارڙ راولپنڊي اسلام آباد اسپورٽس جرنلسٽس ايسوسيئيشن (رسجا) جي نون چونڊيل عهديدارن کي مبارڪباد ڏيندي چيو آهي ته اسپورٽس جرنلزم معاشري ۾ مثبت سرگرمين جي فروغ ۽ نوجوانن جي رهنمائي ۾ اهم ڪردار ادا ڪري ٿي. رسجا جي نئين چونڊيل عهديدارن کي مبارڪباد واري پيغام ۾ اطلاعات واري وفاقي وزير چيو ته رسجا هڪ فعال ۽ متحرڪ پليٽ فارم آهي جيڪا نه رڳو صحافتي قدرن جي پاسداري پر راندين جي دنيا جي مسئلن کي اجاگر ڪرڻ ۾ پڻ موثر ڪردار ادا ڪري رهي آهي. اطلاعات واري وفاقي وزير پنهنجي مبارڪباد واري پيغام ۾ فيصل ساهي کي صدر، عارف خان کي جنرل سيڪريٽري، حسنين لياقت کي فنانس سيڪريٽري، شفيق راجا کي سينيئر نائب صدر، نويد کوکر کي نائب صدر ۽ امبرين علي کي عورتن بابت نائب صدر چونڊجڻ تي مبارڪباد ڏني. هن نون چونڊيل عهديدارن جي لاءِ نيڪ خواهشن جو اظهار ڪيو ۽ اميد ظاهر ڪئي ته نئين قيادت صحافتي ميدان ۾ وڌيڪ بهتري ۽ ترقي جو سبب بڻجندي.