جده – 15 جون (اي پي پي) سعودي عرب جي جده جي ڪنگ عبدالعزيز انٽرنيشنل ايئرپورٽ تي حج آپريشن شيڊول مطابق گذريل 24 ڪلاڪن دوران 93 هزار مسافر 446 اڏامن ذريعي روانو ٿيا آهن. پرڏيهي ميڊيا مطابق جده ايئرپورٽ انتظاميا طرفان جاري بيان ۾ چيو ويو آهي ته مقرر شيڊول مطابق واپس ويندڙ حاجي سڳورا ايئرپورٽ اچڻ کان اڳ پنهنجي اڏام بابت معلومات حاصل ڪري وٺن. ايران تي اسرائيل جي حملن کانپوءِ خطي ۾ وڌندڙ ڇڪتاڻ سبب وچ اوڀر جي ڪيترن ئي ملڪن پنهنجون فضائي حدون عارضي طور تي بند ڪري ڇڏيون آهن جنهن سبب ويجهن ملڪن عراق، اردن، شام ۽ ايران جون اڏامون متاثر ٿي سگهن ٿيون.