رياض – 15 جون (اي پي پي) سعودي عرب ۾ غير قانوني پرڏيهين خلاف ڪم ڪندڙ گڏيل ڪميٽي جي ڪارروائي دوران هڪ هفتي ۾ 9 هزار غير قانوني پرڏيهين کي گرفتار ڪيو ويو آهي. پرڏيهي ميڊيا مطابق غير قانوني پرڏيهين خلاف ڪم ڪندڙ گڏيل ڪميٽي طرفان جاري بيان ۾ چيو ويو آهي ته اهي گرفتاريون 5 کان 11 جون 2025ع وچ ۾ ٿيون آهن جن ۾ 5625 اقامه قانونن جي ڀڃڪڙي، 2797 گرفتار ٿيل سرحدي قانونن جي ڀڃڪڙي جڏهن ته 1217 پرڏيهي ليبر قانونن جي ڀڃڪڙي ۾ ملوث هئا. هن چيو ته ڄاڻايل عرصي دوران 1117 ماڻهو گرفتار ٿيا جيڪي سرحد پار ڪري ملڪ ۾ غير قانوني طور تي داخل ٿيڻ جي ڪوشش ڪري رهيا هئا.