گڏيل قومون-01 مئي (اي پي پي) گڏيل قومن ۾ پاڪستان جي سفير عاصم افتخار احمد چيو آهي ته ڀارت جي چڙ ڏياريندڙ ۽ غير ذميواراڻي رويي سان ڏکڻ ايشيا جي امن ۽ استحڪام کي شديد خطرو آهي. پاڪستاني مشن مان جاري بيان موجب اهڙو اظهار هن او آءِ سي جي نيويارڪ گروپ آف ايمبيسڊرز کي ڀارت ۽ ڏکڻ ايشيا جي تازي صورتحال بابت آگاهه ڪندي ڪيو. هن ڀارتي رويي کي چڙ ڏياريندڙ ۽ غير ذميواراڻو قرار ڏيندي چيو ته ان سان علائقائي امن ۽ استحڪام کي شديد خطرو آهي. او آءِ سي جي ميمبرن پاڪستان حڪومت ۽ عوام سان مڪمل يڪجهتي ۽ حمايت جو اظهار ڪيو آهي. هن سفارتي ڪوششن سان پاڪ ڀارت ڇڪتاڻ گهٽ ڪرڻ ۽ ان جي بنيادي سببن کي ختم ڪرڻ جي ضرورت تي زور ڀريو ته جيئن ڄمون ڪشمير تڪرار جو گڏيل قومن جي سلامتي ڪائونسل ۽ او آءِ سي جي قراردادن موجب منصفاڻو حل يقيني بڻائي سگهجي.