اسلام آباد– 07 – جولائي (اي پي پي) پاڪستان ۽ افغانستان جي پرڏيهي وزارت جي وچ ۾ ايڊيشنل سيڪريٽري سطح تي ڳالهه ٻولهه جو پهريون دور سومر ڏينهن اسلام آباد ۾ ٿيو. اها ڳالهه ٻولهه پاڪستان جي نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير جي 19 اپريل 2025ع تي ڪابل جي دوري دوران ٿيندڙ فيصلن جي تسلسل ۾ ٿي. پاڪستاني وفد جي قيادت ايڊيشل سيڪريٽري (افغانستان ۽ اوڀر ايشيا) سفير سيد علي اسد گيلاني ڪئي جڏهن ته افغان وفد جي قيادت افغان پرڏيهي وزارت جي فرسٽ پوليٽيڪل ڊويزن جي ڊائريڪٽر جنرل مفتي نور احمد نور ڪئي. پرڏيهي آفيس جي ترجمان پاران جاري بيان موجب ڳالهه ٻولهه ۾ ٻطرفي دلچسپي جي اهم شعبن بشمول واپار ۽ ٽرانزٽ تعاون، سيڪيورٽي ۽ علائقائي رابطن تي ڳالهه ٻولهه ڪئي وئي. ٻنهي ڌرين دهشتگردي کي علائقائي امن ۽ سلامتي جي لاءِ سنگين خطرو قرار ڏنو. پاڪستاني ڌر افغانستان جي سرزمين تي سرگرم دهشتگرد گروهن جي خلاف موثر ڪاررواين جي ضرورت تي زور ڏنو ڇو ته اهڙا گروهه پاڪستان جي سيڪيورٽي کي نقصان پهچائين ٿا ۽ علائقائي ترقي ۾ رڪاوٽ بڻجن ٿا. ڌرين واپاري ۽ ٽرانزٽ تعاون کي وڌيڪ مضبوط بڻائڻ تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي. هنن افغان ٽرانزٽ ٽريڊ جي سهولت لاءِ پاڪستان جي نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير جي ڪابل جي دوري دوران اعلان ڪيل قدمن جهڙوڪ 10 سيڪڙو پراسيسنگ فيس جو خاتمو، انشورنس گارنٽي جي فراهمي، اسڪيننگ ۽ معائني ۾ گهٽرائي ۽ ٽريڪ اينڊ ٽريس سسٽم لاڳو ڪرڻ جو جائزو ورتو. ٻنهي ڌرين علائقائي رابطن کي پائيدار ترقي ۽ گڏيل خوشحالي جي لاءِ هڪ محرڪ قرار ڏنو. ازبڪستان – افغانستان – پاڪستان ريلوي جي تزويراتي اهميت کي تسليم ڪندي ڌرين فريم ورڪ معاهدي کي جلد حتمي شڪل ڏيڻ جي لاءِ ٺوس ڪوششون ڪرڻ تي اتفاق ڪيو. ٻنهي ڌرين افغان شهرين جي واپسي بابت معاملن تي پڻ ڳالهه ٻولهه ڪئي. پاڪستاني ڌر افغانستان مان قانوني ۽ دستاويزي سفر جي سهولت لاءِ پنهنجي ڪوششن تي روشني وڌي جن ۾ جنوري 2024ع کان هيستائين مختلف شعبن (طبي، سياحتي، ڪاروباري، تعليمي) ۾ 5 لک کان وڌيڪ ويزا جاري ڪرڻ شامل آهي. ٻنهي ڌرين سرحد پار ماڻهن جي قانوني چرپر کي وڌيڪ مضبوط بڻائڻ تي اتفاق ڪيو. ڌرين گڏيل چئلينجز کي منهن ڏيڻ جي لاءِ مستقل رابطي جي حمايت جو ورجاءُ ڪيو.