حيدرآباد-07 جولاءِ (اي پي پي) قومي اسيمبلي جي ميمبر ذوالفقار ستار بچاڻي جو والد، پاڪستان پيپلزپارٽي جو سينيئر ترين اڳواڻ ۽ اڳوڻو ايم اين اي حاجي عبدالستار بچاڻي 78 ورهين جي ڄمار ۾ آچر ڏينهن ڪراچي جي هڪ نجي اسپتال ۾ لاڏاڻو ڪري ويو. مرحوم جي جنازي نماز سومر ڏينهن دارالعلوم مدرسه ٽنڊوالهيار ۾ ادا ڪئي وئي. حاجي عبدالستار بچاڻي کي پيپلز پارٽي جي سينيئر ۽ اهم ترين اڳواڻن مان هڪ سمجهيو ويندو هو. سندس آخري رسمن ۾ سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه سميت سينيئر پ پ اڳواڻن خورشيد احمد شاهه، منظور وساڻ، ڄام خان شورو، صادق ميمڻ، مڪيش ڪمار چاولا، تيمور ٽالپر، سرفراز راڄڙ، امداد پتافي، عاجز ڌامراهه سميت قومي توڙي صوبائي اسيمبلي ميمبرن، سرڪاري عملدارن، مذهبي توڙي سياسي اڳواڻن، صحافين، سماجي اڳواڻن ۽ شهرين جي وڏي انگ شرڪت ڪئي.