ڪراچي-05 جولاءِ (اي پي پي) سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه 5 جولاءِ جي تاريخي پسمنظر بابت آمريت خلاف بيان ۾ چيو آهي ته 5 جولاءِ 1977ع پاڪستان جي جمهوري تاريخ جو ڪارو ڏينهن هو، انھيءَ ڏھاڙي عوام جي چونڊيل وزيراعظم شھيد ذوالفقار علي ڀٽو جي حڪومت مٿان مارشل لا مڙهي جمھوريت ختم ڪئي وئي. مراد علي شاهه چيو ته شھيد عوام ذوالفقار علي ڀٽو کي اقتدار تان هٽائڻ واري سازش جمهوريت ۽ عوامي راءِ خلاف سازش هئي. شھيد ڀُٽو قوم کي شعور ڏنو، پر آمريت ان شعور کي طاقت جي زور سان دٻائڻ جي ڪوشش ڪئي، پاڪستان پيپلز پارٽي هر دور ۾ آمريت جو بهادري سان مقابلو ڪيو آھي. هن چيو ته اڄوڪو ڏينهن اسان کي جمهوريت جي تحفظ، آئين جي بالادستي ۽ عوامي حقن جي جدوجهد کي جاري رکڻ جي اهميت جو احساس ڏياري ٿو. ھن وڌيڪ چيو تھ اسان جمھوريت خاطر هر قرباني ڏيڻ لاءِ تيار آهيون. وڏي وزير چيو ته اڄ به جمهوريت ۽ ملڪ جي سلامتي خلاف سازشون جاري آهن، جن کي ناڪام بنائڻ لاءِ اسان کي هوشيار رهڻو پوندو. سيد مراد علي شاهه پاران شھيد ذوالفقار علي ڀٽو جي خدمتن ۽ قربانين کي ڀيٽا پيش ڪئي وئي.