گڏيل قومون-05 جولاءِ (اي پي پي) گڏيل قومن جي انساني حقن واري آفيس چيو آهي، ته هن آمريڪا ۽ اسرائيل جي حمايت يافته غزه هيومينٽيرين فائونڊيشن جي انتظام هيٺ امدادي هنڌن ۽ گڏيل قومن سميت ٻين امدادي گروپن جي انتظام هيٺ امدادي قافلن ويجهو گهٽ ۾ گهٽ 613 ڄڻا شهيد ٿيا. پرڏيهي ميڊيا موجب گڏيل قومن جي انساني حقن واري آفيس جي هاءِ ڪمشنر جي ترجمان پاران جنيوا ۾ نمائندن کي ٻڌايو ته اسان کي مليل اطلاعن موجب ايڇ ايف مرڪز ۽ انساني امداد جي قافلن ويجهو 613 ماڻهو شهيد ٿيا آهن، هي 27 جون تائين جا انگ اکر آهن، جنهن کان پوءِ وڌيڪ واقعا ٿيا آهن. او ايڇ سي ايڇ آر چيو ته شهيد ٿيل 613 ماڻهن ۾ 509 جي ايڇ ايف جي ورهاست واري هنڌ ويجهو شهيد ٿيا. او ايڇ سي ايڇ آر چيو ته اهي انگ اکر ڪيترن ئي ذريعن، مثال طور اسپتالن، قبرستانن، خاندانن، صحت جي فلسطيني عملدارن، اين جي اوز ۽ اداري جي شراڪتدارن جي معلومات تي ٻڌل آهن.