نيويارڪ -05 جولاءِ (اي پي پي) آمريڪي رياست ٽيڪساس ۾ ٻوڏ سبب فوت ٿي ويلن جو انگ 24 ٿي ويو آهي. پرڏيهي ميڊيا موجب ڪيرڪانٽي جي شيرف ليري ليٿا پريس ڪانفرنس ۾ 24 ڄڻن جي فوت ٿي وڃڻ جي تصديق ڪئي آهي. هن چيو ته سمر ڪيمپ مان گم ٿيل گهٽ ۾ گهٽ 20 نياڻين جي ڳولا جاري آهي، هن چيو ته سان انتونيو جي اتر اولهه ۾ علائقي ۾ ڦاٿل رهواسين جي تلاش لاءِ ريسڪيو ٽيمن جون ڪوششون جاري آهن. ٽيڪساس جي ليفٽيننٽ گورنر ڊين پيٽرڪ پنهنجي اڳوڻي ڪانفرنس ۾ چيو هو ته مري ويلن ۾ ڪجهه ٻار به شامل هئا. ڪانٽي شيرف به ان ڳالهه جي تصديق ڪندي چيو ته ٻار اڃا تائين گم آهن، 25 ماڻهو گم آهن جن جي ڳولا جاري آهي.