تھران – 04 جولاءِ (اي پي پي) ايران ملڪي ۽ پرڏيھي اڏامن لاءِ ھوائي حدون ٻيھر کولي ڇڏيون آھن. پرڏيھي ميڊيا مطابق روڊن ۽ شھري ترقي واري وزارت پنھنجون ھوائي حدون ملڪي، پرڏيھي ۽ عالمي ٽرانزٽ اڏامن لاءِ ٻيھر کولڻ جو اعلان ڪيو آھي. وزارت پنھنجي ويب سائيٽ تي شائع ٿيل ھڪ بيان ۾ چيو ته اھو فيصلو ايران جي سول ايوي ايشن آرگنائزيشن جي منظوري سان گڏو گڏ ملڪ جي موجوده حالتن کي نظر ۾ رکندي سيڪيورٽي ۽ حفاظتي جائزن بعد ڪيو ويو آھي. بيان ۾ وڌيڪ چيو ويو ته گادي واري شھر تھران جي مھرآباد عالمي ھوائي اڏي ۽ امام خميني عالمي ھوائي اڏي سان گڏو گڏ ملڪ جي اتر، اوڀر، اولھه ۽ ڏکڻ وارن حصن، سوائي اصفھان ۽ تبريز جي ھوائي اڏن لاءِ اڏامون ٻيھر شروع ڪري ڇڏيو آھن.