بجينگ – 04 جولاءِ (اي پي پي) چين چيو آھي ته ھو يوڪرين تڪرار جي ڪنھن به ڌر کي ھٿيار فراھم نه پيو ڪري. پرڏيھي ميڊيا مطابق چين جي پرڏيھي وزير وانگ يي پنھنجي جرمن ھم منصب جوھان وڊي فل سان ھڪ گڏيل نيوز ڪانفرنس ۾ چيو ته چين يوڪرين جي تڪرار جي ڪنھن به ڌر کي ھٿيار فراھم نه پيو ڪري ۽ ٻٽي استعمال جون شين جي ايڪسپورٽ تي سخت ڪنٽرول جو استعمال ڪري ٿو. ھن چيو ته مان وزير وڊي فل سان يوڪريني بحران ۽ ٻين اھم مسئلن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي.  چين جو موقف واضح آھي ته اسان امن ۽ ڳالھين لاءِ ڪوششون ڪري رھيا آھيون ۽ اسان تڪرار واري ڌرين کي ھٿيار فراھم نه ڪندا آھيون. وانگ يي چيو ته اسان ھڪ جامع، پائيدار ۽ پابند امن معاھدي جي حصول ۽ يورپ ۾ ھڪ متوازن، اثرائتي ۽ مستحڪم سيڪيورٽي فن تعمير ۽ يورپ ۾ ڊگھي مدي واري امن جي بحالي لاءِ مختلف ڌرين جي فعال ڪردار جي آجيان ڪيون ٿا. ھن چيو ته دنيا جي صورتحال جيتري ھنگامي واري آھي، اسان کي سھڪار تي اوترو ئي وڌيڪ انحصار ڪرڻ گھرجي.