اسلام آباد – 04 – جولائي (اي پي پي) پاڪستان جي عالمي ۽ علائقائي فورمز تي وڌندڙ سفارتي ڪردار کي نمايان ڪندي پرڏيهي آفيس جي ترجمان چيو آهي ته گڏيل قومن جي سلامتي ڪائونسل (يو اين ايس سي) جي صدارت، اقتصادي تعاون تنظيم (اي سي او) جي 17هين سربراهي اجلاس ۾ شرڪت ۽ خطي ۾ انساني حقن ۽ قانوني احتساب جي لاءِ جاري ڪوششون پاڪستان جون وڏيون ڪاميابيون آهن، پاڪستان مستقل ٽياڪڙي عدالت (پي سي اي) جي فيصلي کي رد ڪرڻ جي ڀارتي قدم کي غيرقانوني قرار ڏي ٿو، جيڪو عالمي قانون تحت بنا جواز آهي، پاڪستان ايران سان يڪجهتي جو اظهار ڪيو آهي ۽ اسرائيلي جارحيت جي مذمت ڪئي آهي، ميدان جنگ جي نتيجن بابت قياس آرائي کان پاسو ڪيو وڃي، پاڪستان پرامن سفارتڪاري کي ترجيح ڏي ٿو، هاڻي ڳالهه ٻولهه يا جارحيت جو رستو اختيار ڪرڻ جو فيصلو ڀارت جي هٿ ۾ آهي، پاڪستان فلسطين جي تڪرار تي 1967ع جي سرحدن تي ٻڌل منصفاڻي حل جو حامي آهي ۽ اهڙن قدمن جي مخالفت ڪري ٿو جيڪي فلسطيني حقن کي مجروح ڪن، پاڪستان چين، روس، ترڪيه، بنگلاديش يا افغانستان سميت ٻين علائقائي ملڪن سان ڪو به فوجي اتحاد نه ٺاهي رهيو آهي، علائقائي امن، گهڻ رخي تعاون ۽ عالمي مسئلن تي پاڪستان پنهنجي اصولي موقف تي قائم آهي. اهڙن خيالن جو اظهار پرڏيهي آفيس جي ترجمان شفقت علي خان هفتيوار پريس بريفنگ دوران ڪيو. ترجمان چيو ته پاڪستان هلندڙ جولاءِ ۾ گڏيل قومن جي سلامتي ڪائونسل جي صدارت هڪ گهري ذميواري جي احساس ۽ مقصد سان سنڀالي رهيو آهي، اسان جو موقف گڏيل قومن جي چارٽر، گهڻ رخي ۽ عالمي قانون جي اصولن تي مرڪوز رهندو. پرڏيهي آفيس جي ترجمان شفقت علي خان پاڪستان جي وڌندڙ سفارتي ڪردار کي اجاگر ڪندي بريفنگ ۾ چيو ته پاڪستان هلندڙ مهيني جولاءِ ۾ گڏيل قومن جي سلامتي ڪائونسل جي صدارت ذميواري ۽ مقصد سان سنڀالي رهيو آهي، اسان جو موقف گڏيل قومن جي چارٽر، گهڻ رخي ۽ عالمي قانون جي اصولن تي مرڪوز رهندو. هن ٻڌايو ته پاڪستان جولاءِ ۾ ٻه اهم تقريبون منعقد ڪندو جن ۾ 22 جولاءِ تي گهڻ رخي ۽ تڪرارن جي پرامن حل جي ذريعي عالمي امن ۽ سلامتي کي فروغ ڏيڻ تي کليل بحث جو انعقاد ۽ 24 جولاءِ تي گڏيل قومن ۽ اسلامي تعاون تنظيم (او آءِ سي) جي وچ ۾ تعاون تي بريفنگ جو اهتمام شامل آهي. ان کانسواءِ 23 جولاءِ تي پاڪستان فلسطين جي مسئلي تي ٽه ماهي کليل بحث جي صدارت ڪندو، جنهن جي صدارت نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير سينيٽر محمد اسحاق ڊار ڪندو. ترجمان چيو ته اهو اجلاس پاڪستان جي ڪائونسل ۽ گڏيل قومن جي ميمبرن جي وچ ۾ پُل جو ڪردار ادا ڪرڻ جي عڪاسي ڪري ٿو. ترجمان چيو ته هن وقت وزيراعظم محمد شهباز شريف 17هين اي سي او سربراهي اجلاس ۾ شرڪت جي لاءِ خانڪندي، آذربائيجان ۾ آهي ۽ پاڪستان جي نمائندگي ڪري رهيو آهي. وزيراعظم خطي ۾ رابطي، واپار، موسمياتي لچڪ ۽ پائيدار ترقي جي لاءِ پاڪستان جي ويزن کي اجاگر ڪندو، جيڪو اي سي او ويزن 2025ع موجب آهي. ترجمان چيو ته اي سي او اڳواڻن سان ٻطرفون ملاقاتون پڻ متوقع آهن. هن چيو ته نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير سينيٽر اسحاق ڊار خطي جي علائقائي صورتحال جي حوالي سان 10 – 11 جولاءِ تي ڪوالالمپور ۾ ٿيندڙ ايشيائي ريجنل فورم بابت ترڪيه جي پرڏيهي وزير هڪان فيدان سان ٽيليفون تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي آهي. ترجمان چيو ته پاڪستان کي گڏيل قومن ۾ هڪ ٻيو اهم عهدو مليو آهي ۽ ويانا ۾ پاڪستان جي مستقبل نمائندي ڪامران اختر کي گڏيل قومن جي صنعتي ترقي جي تنظيم (يو اين آءِ ڊي او) جي 53هين انڊسٽريل ڊيولپمينٽ بورڊ جو صدر چونڊيو ويو آهي. پاڪستان کي اهو اعزاز پهريون ڀيرو حاصل ٿيو آهي، جيڪو اسان جي پائيدار صنعتي ترقي جي لاءِ عالمي وابستگي جي عڪاسي ڪري ٿو. ترجمان 27 جون تي پاڪستان ۽ ڀارت جي وچ ۾ ڪشن گنگا ۽ رائل هائيڊرو اليڪٽرڪ تڪرار ۾ ثالثي عدالت جي فيلصي جي پڻ آجيان ڪئي. عدالت ڀارت جي هڪطرفي ڪوشش جي باوجود پنهنجي اختيار کي برقرار رکيو، جيڪو پاڪستان جي قانون جي موقف جي تائيد ڪري ٿو. اسان ڀارت تي زور ڏيون ٿا ته هو سنڌ طاس معاهدي تحت پنهنجون ذميواريون پوريون ڪري. هن چيو ته پاڪستان ۽ چين جي وچ ۾ گهڻ رخي مشاورت 26 جون تي بيجنگ ۾ ٿيندڙ پنجين پاڪستان – چين گهڻ رخي مشاورت منعقد ٿي جنهن ۾ ٻنهي ملڪن گڏيل قومن بابت هم آهنگي کي ورجايو. ترجمان چيو ته پهرين جولاءِ 2025ع تي پاڪستان ۽ ڀارت 2008ع جي قونصلر پهچ معاهدي تحت قيدين جي فهرستن جي مٽاسٽا ڪئي آهي. ترجمان چيو ته پاڪستان 246 ڀارتي يا امڪاني ڀارتي قيدين جي فهرست ڏني، جڏهن ته ڀارت 463 پاڪستاني يا امڪاني پاڪستاني قيدين جي فهرست فراهم ڪئي آهي. ترجمان ڀارت تي زور ڏنو ته هو سزائون پوريون ڪري ڇڏيندڙ قيدين، خاص طور تي ذهني ۽ جسماني معذور ماڻهن کي آزاد ڪري. ترجمان ڪشميري اڳواڻ شبير احمد شاهه جي خراب صحت تي گهري ڳڻتي جو اظهار ڪيو، جيڪو 8 سالن کان ڀارت جي تهار جيل ۾ قيد آهي ۽ هاڻي ان ۾ پروسٽيٽ ڪينسر جي تشخيص ٿي آهي. ڀارتي عملدارن کي ان کي انساني بنيادن تي آزاد ڪرڻ گهرجي. پرڏيهي آفيس جي ترجمان چيو ته پاڪستان هڪ اصولي ۽ متوازن پرڏيهي پالسي تي قائم آهي، جيڪا سفارتڪاري، تعاون ۽ عالمي قانون جي احترام جي پاليسي تي ٻڌل آهي. هڪ سوال جي جواب ۾ ترجمان پاڪستان جي موقف کي ورجائيندي چيو ته پاڪستان مستقل ٽياڪڙي عدالت (پي اي سي) جي اضافي فيصلي کي ڀارت جي رد ڪرڻ جي قدم کي غيرقانوني قرار ڏي ٿو، جيڪو عالمي قانون تحت بنا جواز آهي. هن زور ڏئي چيو ته سنڌ طاس معاهدو اڃا به نافذ العمل آهي ۽ اهو فيصلو پاڪستان جي موقف جي تصديق ڪري ٿو. ڀارت کي باقاعده رابطو ڪرڻ بابت هن چيو ته تڪنيڪي معاملا آبادي واري وزارت جي انتظام هيٺ آهن. تبت ۽ دلائي لاما جي معاملي تي ترجمان چيو ته پاڪستان چين جي داخلي معاملن ۾ ان جي موقف جي مڪمل حمايت ڪري ٿو. ايشيا ڪپ هاڪي ٽورنامينٽ (ڀارت ۾ منعقد ٿيندڙ) جي حوالي سان هن چيو ته لاڳاپيل ادارن سان رابطو جاري آهي ۽ اجازتن تي غور ڪيو پيو وڃي. افغان عبوري حڪومت جي روس کي تسليم ڪرڻ بابت پاڪستان جو موقف آهي ته اهو ٻن خودمختيار ملڪن جي وچ ۾ معاملو آهي. پاڪستان جي ايئر چيف جي آمريڪا جي دوري کي دفاعي تعاون جو هڪ حصو ٻڌايو ويو، جڏهن ته ان سطح جي مٽاسٽا 10 سالن کانپوءِ ٿي آهي. ڀارتي پرڏيهي وزير جي پاڪ فوج جي خلاف بيانن جي جواب ۾ ترجمان چيو ته پاڪستان پنهنجي خودمختياري جي تحفظ جو حق رکي ٿو ۽ ڪنهن به جارحاڻي ڌمڪي جي مذمت ڪري ٿو. ڪابل سان سفارتي لاڳاپا بهتر بڻائڻ جي عمل تي ڪم جاري آهي، جڏهن ته افغان شهرين جي پي او آر ڪارڊز (رجسٽريسن جا ثبوت) جو مدو ختم ٿيڻ جي معاملي تي حڪومتي سطح تي غور ٿي رهيو آهي. ڀارت جي مسلسل هٿيارن جي ڊوڙ، بشمول ڊرون تياري جي حوصلا افزائي، کي خطي جي لاءِ غيرمستحڪم ۽ خاص طور تي پاڪستان جي خلاف قرار ڏنو ويو. ترجمان چيو ته پاڪستان پنهنجي دفاع جي لاءِ مڪمل طور تي تيار آهي. ابراهيم معاهدي ۾ شموليت جي افواهن کي رد ڪندي ترجمان چيو ته پاڪستان فلسطين جي ٻه رياستي حل جي حمايت ڪري ٿو. ترجمان هڪ ميمبر جي انڪار تي سارڪ سربراهي ڪانفرنس جي التوا تي افسوس جو اظهار ڪيو ۽ چيو ته پاڪستان ايندڙ سربراهه ڪانفرنس جي ميزباني جي لاءِ تيار آهي. ترجمان چين ۽ بنگلاديش سان ٽه ڌريي تعاون کي معمول جي علائقائي ترقياتي قدمن سان تعبير ڪيو جڏهن ته سارڪ جي متبادل دعوائن کي قياس آرائي قرار ڏنو ويو. هن افغان سرزمين تان ٿيندڙ دهشتگردي بابت پنهنجي خدشن جو ورجاءُ ڪيو ۽ چيو ته افغانستان ۾ موجود پناهگاهن سان گڏوگڏ ڀارتي سرپرستي ۾ پاڪستان کي نشانو بڻائيندڙ دهشتگرد عنصرن طرف پڻ اشارو ڪيو. ترجمان بنگلاديش بشمول روهنگيا علائقن، ۾ پاڪستاني فوجي اهلڪارن جي دوري کي جاري تعاون جو حصو قرار ڏنو ۽ چيو ته روهنگيا جي مسلمانن جي حوالي سان پاڪستان جي پاليسي ۾ ڪا تبديلي ناهي آئي. ايران جي خلاف تازي اسرائيلي ۽ آمريڪي فوجي ڪاررواين بابت هن چيو ته پاڪستان ايران سان يڪجهتي جو اظهار ڪيو آهي ۽ جارحيت جي مذمت ڪئي آهي، جڏهن ته ميدان جنگ جي نتيجن بابت قياس آرائي کان پاسو ڪيو وڃي. ماضي ۾ آمريڪي ثالثي جي ڪردار جي حوالي سان هن چيو ته پاڪستان پرامن سفارتڪاري کي ترجيح ڏيڻ تي زور ڏنو ۽ واضح ڪيو آهي ته هاڻي ڳالهه ٻولهه يا جارحيت جو رستو اختيار ڪرڻ جو فيصلو ڀارت جي هٿ ۾ آهي. فلسطين جي تڪرار تي پاڪستان 1967ع جي سرحدن تي ٻڌل منصفاڻي حل جو حامي آهي ۽ اهڙن قدمن جي مخالفت ڪري ٿو جيڪي فلسطيني حقن کي مجروح ڪن. هن تصديق ڪئي ته پاڪستان چين، روس، ترڪيه، بنگلاديش يا افغانستان سميت ٻين علائقائي ملڪن سان ڪو فوجي اتحاد نه ٺاهي رهيو آهي. پرڏيهي آفيس جي ترجمان علائقائي امن، گهڻ رخي تعاون ۽ عالمي مسئلن تي پاڪستان جي اصولي موقف جو ورجاءُ ڪيو.