تيانجن-04 جولاءِ (اي پي پي) مواصلات واري وفاقي وزير عبدالعليم خان شنگهائي تعاون تنظيم جي اجلاس جي پڄاڻيءَ تي تيانجن ۾ چائينا روڊ اينڊ برج ڪارپوريشن جي چيئرمين ڊوفائي سان ملاقات ڪئي، جنهن ۾ پاڪستان ۽ چين وچ ۾ مانسهره، ناران، جهال کنڊ موٽر وي سميت مختلف شاهران جي تعمير ۽ـ ٻين منصوبن ۾ سيڙپڪاريءَ سميت فني معاونت ۽ ٻين معاملن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي. وفاقي وزير ڳالهائيندي ڪارپوريشن جي چيئرمين ڊوفائيءَ کي ٻُڌايو ته چين ۾ قائم سي آر بي سي جو ادارو ايشيا، يورپ، آمريڪا ۽ آفريقا سميت 70 ملڪن ۾ خدمتون سرانجام ڏئي رهيو آهي. پاڪستان ۾ خدمتون سرانجام ڏيڻ اسان لاءِ اعزاز جي ڳالهه آهي. ملاقات ۾ ٻُڌايو ويو ته پاڪستان ۾ هن اداري 1995ع کان 2023ع تائين سکر باءِ پاس، شاهراه قراقرم، ڪراچي ڪوسٽل هاءِ وي سميت مختلف منصوبا ڪاميابيءَ سان مڪمل ڪيا آهن، جڏهن ته گذريل سال کان چائينا روڊ اينڊ برج ڪارپوريشن ايم ايل ون، پاڪستان ريفائنري، لاهور ايئرپورٽ جي واڌ ۽ راءِ ڪورٽ کان ٿاهه ڪوٽ جهڙن منصوبن ۾ دلچسپيءَ جو اظهار ڪري چڪو آهي. وفاقي وزير چيئرمين سي آر بي سي ڊوفائي سان ڳالهائيندي کيس پنهنجي مڪمل تعاون جي خاطري ڪرائي ۽ اميد ظاهر ڪئي ته ان جو ادارو پاڪستان ۾ خاص ڪري مواصلات جي شعبي ۾ ساراهه جوڳا قدم سرانجام ڏيندو. چين ۾ وفاقي وزير ايشين انفراسٽرڪچر انويسٽمينٽ بئنڪ جي سينيئر عملدارن کي ڪراچيءَ کان حيدرآباد ايم 9، سکر کان حيدرآباد ايم 6 جي موٽر ويز لاءِ سيڙپڪاريءَ جي آڇ ڪئي. پنهنجي چين جي دؤري دوران اي آءِ آءِ بئنڪ جي چيف انويسٽمينٽ آفيسر ڪونسٽنٽين ليميٽوفسڪي ۽ ڊي جي پبلڪ سيڪٽر آفيسر زيانگ اوهنگ يانگ سان پنهنجي اعليٰ سطحي وفد سان ملاقات ڪئي. وفاقي وزير چيو ته پاڪستان ۾ روڊ انفراسٽرڪچر جي بهتري ۽ ترقي حڪومت جي پهرين ترجيح آهي ۽ ايم 6 ۽ ايم 9 جهڙا منصوبا بندرگاهه سان ڳنڍڻ سبب ملڪي معيشت جو رُخ بدلي سگهن ٿا. هن چيو ته ايشين انفراسٽرڪچر انويسٽمينٽ بئنڪ سان حصيداري پاڪستان لاءِ ترقيءَ جون راهون هموار ڪندي ڇاڪاڻ ته چين سان پاڪستان جي پارٽنرشپ ٻنهي ملڪن لاءِ ئي نه پر خطي لاءِ به اهميت رکي ٿي. وفاقي وزير وڌيڪ چيو ته چين جا مختلف بئنڪ اڳ ئي پاڪستان ۾ مختلف منصوبن تي سيڙپڪاري ڪري چڪا آهن. پاڪ- چين دوستيءَ کي وقت سان گڏ وڌيڪ هٿي ملي رهي آهي ۽ عالمي مالياتي ادارن کي پاڪستان ۾ سيڙپڪاريءَ جا وڌيڪ موقعا فراهم ڪنداسين. هن چيو ته انفراسٽرڪچر ۾ سيڙپڪاري روزگار ۽ خوشحاليءَ جي ضمانت آهي ۽ هن وقت پاڪستان ۾ وڏي پيماني تي شاهراهن جي تعمير ۽ بين الملڪي زميني سيڙپڪاري رابطن تي ڪم ٿي رهيو آهي. ايشين انفراسٽرڪچر انويسٽمينٽ بئنڪ جي سينيئر عملدارن پاڪستان ۾ مختلف منصوبن لاءِ سيڙپڪاريءَ تي تعاون جو اظهار ڪندي اميد ظاهر ڪئي ته ان ملاقات جا مثبت نتيجا سامهون ايندا.