ڪراچي-04 جولاءِ (اي پي پي) سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه چيو آهي ته سنڌ حڪومت جي ڪارڪردگي کي وڌيڪ موثر بڻائڻ لاءِ اي-ڪابينا ايپ شروع ڪئي پئي وڃي. هي جديد پليٽ فارم مڪمل طور پيپرليس نظام کي ھٿي وٺرائڻ لاءِ تيار ڪيو ويو آهي، جيڪو نه رڳو سيڪيورٽي ۽ شفافيت کي يقيني بڻائيندو پر ماحولياتي استحڪام کي پڻ هٿي ڏيندو. هن ايپ ذريعي اجلاس جي تياريءَ جو وقت اڌ کان به گهٽ ٿي ويندو، جڏهن ته حڪومت جا ڪروڙين رپيا پڻ بچائي سگهبا. سي ايم جي ترجمان موجب اهڙو اظهار هن  ايپ جي تياري کانپوءِ وزيراعليٰ هائوس ۾ ان جي تفصيلي بريفنگ دوران ڪيو. ان موقعي تي وڏي وزير ٻڌايو ته رڳو ڪاغذن تي ساليانو 1 ڪروڙ 10 لک روپين کان وڌيڪ خرچ ٿين ٿا جڏهن ته فائل ڪورز، بورڊز، تيل ۽ اسٽاف جا ٻيا خرچ ان کان علاوه آهن. اي-ڪابينا ايپ نه رڳو خرچ گهٽ ڪندي پر حساس معلومات جي حفاظت، وقت جي موثر استعمال ۽ اي-گورننس کي به هٿي ڏيندي. ان سان گڏوگڏ سنڌ حڪومت جي ٽيڪنالاجي تي ٻڌل صوبي طور اجاگر ڪرڻ ۾ مدد ملندي ۽ ماحول تي مثبت اثر پوندو. اي-ڪابينا ايپ جي خاصيتن ۾ ڪابينا جي سمرين ۽ اجلاس جي مڪمل ڪارروائي جو انتظام، ڪارڪردگيءَ جي اهم اشارن جي نگراني لاءِ ڊيش بورڊ ، وڏي وزير ۽ چيف سيڪريٽري لاءِ الڳ ڊيش بورڊ جيڪي سڀني کاتن جي ڪارڪردگي ڏيکاريندا ، جديد سرچ آپشنز: تاريخ، ايجنڊا يا موضوع جي لحاظ سان ڳولا جي سهولت، آف لائن موڊ: انٽرنيٽ کانسواءِ به سمرين ۽ ايجنڊا ڏسڻ جي سهولت، ضرورت موجب منظوري وارو نظام ۽ مختلف فائيل فارميٽس جي سهولت ۽ فنانس بابت ڪابينا ڪاميٽي جي ڪارروائي ۽ اجلاس جا منٽس به سنڀالڻ جي صلاحيت شامل آھن. ان موقعي تي وڏي وزير چيف سيڪريٽري کي هدايت ڪئي آهي ته رولز آف بزنس ۾ ضروري ترميمن لاءِ تجويزون پيش ڪيون وڃن ته جيئن اي-ڪابينا ايپ کي باقاعدي طور فعال ڪري سگهجي. هي ايپ سنڌ ۾ جديد طرز حڪمراني ڏانهن هڪ اهم قدم آهي.بريفنگ ۾ صوبائي وزير شرجيل ميمڻ، سعيد غني، مڪيش چاولا، ڄام خان شورو، ضياءَ الحسن لنجار، چيف سيڪريٽري آصف حيدر شاهه، وڏي وزير جو پرنسپل سيڪريٽري آغا واصف، آئي ٽي  جو سيڪريٽري نور سمون، وڏي وزير جو سيڪريٽري  زمان ناريجو، سيڪريٽري جي اي محمد علي کوسو ۽ ٻين لاڳاپيل آفيسرن شرڪت ڪئي.