واشنگٽن-04 جولاءِ (اي پي پي)آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ چيو آهي ته غزه جا ماڻهو جهنم مان گذري چڪا آهن، آئون انهن جي سلامتي چاهيان ٿو. پرڏيهي ميڊيا موجب ايئر فورس بيس ”اينڊ روز“ کان رياست آئيووا روانو ٿيندي هڪ صحافي جي سوال جو جواب ڏيندي آمريڪي صدر چيو ته آئون چاهيان ٿو ته غزه جي ماڻهن کي تحَفظ حاصل هجي ۽ اها ئي اهم ڳالهه آهي. هن چيو ته غزه جي شهرين لاءِ امن امان چاهيان ٿو، اهي جهنم مان گذري چڪا آهن، جڏهن کائنس پڇيو ويو ته ڇا جنگ بندي جي تجويز کي منظور ڪيو ويو آهي، ته صدر ٽرمپ چيو ته ايندڙ 24 ڪلاڪن ۾ پتو لڳي ويندو.