خانڪندي – 04 – جولائي (اي پي پي) اقتصادي تعاون تنظيم جي 17هين سربراهي اجلاس جي موقعي تي وزيراعظم محمد شهباز شريف آذربائيجان جي صدر الهام عليوف سان ٻطرفي ملاقات ڪئي. وزيراعظم 17هين اي سي او سربراهي اجلاس جي مثالي ميزباني تي آذربائيجان جي صدر کي مبارڪباد ڏني. وزيراعظم آفيس جي پريس ونگ پاران جاري پڌرائي موجب وزيراعظم محمد شهباز شريف 27 کان 29 مئي 2025ع تي آذربائيجان جي شهر لاچين جي تازي دوري دوران پاڪستاني وفد جي شاندار مهمان نوازي تي صدر عليوف ۽ آذربائيجان جي عوام جا ٿورا مڃيا. وزيراعظم ڀارت سان تازي تڪرار دوران پاڪستان جي لاءِ آذربائيجان جي مستقل حمايت تي صدر الهام عليوف جا ٿورا مڃيا. وزيراعظم چيو ته پاڪستان به مشڪل وقت ۾ آذربائيجان جي مسلسل حمايت ڪئي آهي. ملاقات دوران ٻنهي اڳواڻن ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ سيڙپڪاري جي امڪانن جي حوالي سان ٿيندڙ اڳڀرائي تي اطمينان جو اظهار ڪندي واپار ۽ سيڙپڪاري جي شعبن ۾ تعاون وڌائڻ تي اتفاق ڪيو. ٻنهي اڳواڻن اقتصادي حصيداري خاص طور تي آذربائيجان جي پاڪستان ۾ سيڙپڪاري کي وڌيڪ سگهه ڏيڻ جي عزم جو ورجاءُ ڪيو. وزيراعظم چيو ته ٻنهي ملڪن جي قيادت جي وچ ۾ تازي ڳالهه ٻولهه گڏيل لاڳاپن جي وڌيڪ مضبوطي ۾ مددگار ثابت ٿي آهي. وزيراعظم صدر الهام عليوف کي جلد پاڪستان جو دورو ڪرڻ جي دعوت جو پڻ ورجاءُ ڪيو.