اسلام آباد-04 جولاءِ (اي پي پي) قومي غذائي تحفظ ۽ تحقيق واري وفاقي وير رانا تنوير حسين جي صدارت هيٺ اعليٰ سطحي اجلاس منعقد ٿيو، جنهن جو مقصد ملڪ ۾ ڪپهه جي پيداوار وڌائڻ لاءِ جاري قدمن جو جائزو وٺي ان ۾ تيزي آڻڻ هو. ان موقعي تي وزارت جي سينيئر آفيسرن ۽ صوبائي زراعت جي نمائندن تحقيقي ماهرن ۽ ڪپهه پيدا ڪندڙ اهم علائقن سان تعلق رکندڙ ڌُرين شرڪت ڪئي. اجلاس کي خطاب ڪندي وفاقي وزير چيو ته ڪپهه پاڪستان جي زرعي معيشت ۾ ڪرنگهي جي هڏي جي حيثيت رکي ٿو. ملڪي ٽيڪسٽائل صنعت لاءِ خام مال جو هڪ وڏو ذريعو آهي. هن ان ڳالهه تي ڳڻتيءَ جو اظهار ڪيو ته گذريل ڪجهه سالن دوران ڪپهه جي في ايڪڙ پيداوار ۾ واضح گهٽتائي ٿي آهي ۽ ان رجحان کي روڪڻ لاءِ مضبوط ۽ هدفي حڪمت عملي اختيار ڪرڻ جي فوري ضرورت آهي. هن حڪومت جي ان عزم کي ورجايو ته ڪپهه جي پيداوار ۾ بهتريءَ لاءِ هاري دوست پاليسين تحقيق تي ٻَڌل حل ۽ زرعي خدمتن کي بهتر بنائڻ کي يقيني بنايو ويندو. هن چيو ته ڪپهه جي بهتر پيداوار نه صرف ملڪي معيشت پر ٻهراڙي جي علائقن ۾ هارين جي آمدني وڌائڻ لاءِ به اڻٽر آهي. هن معياري ٻج ۽ ڪيميڪل جي وقت سر فراهمي، جيتن تي مؤثر ڪنٽرول، موسمياتي تبديلين سان هڪجهڙائي رکندڙ زرعي طريقن کي هٿي وٺرائڻ ۽ آبادگارن ۾ آگاهي پيدا ڪرڻ لاءِ زرعي توسيعي خدمتن کي وڌيڪ مضبوط ڪرڻ تي زور ڀريو. وفاقي وزير لاڳاپيل ادارن کي هدايت ڪئي ته ڪپهه جي في ايڪڙ پيداوار ۾ واڌ لاءِ گهربل پاليسي قدمن ۽ سائنسي ٽيڪنالاجيءَ کي جلد کان جلد ڪتب آندو وڃي ته جيئن آبادگارن کي بهتر نتيجا ملي سگهن. اجلاس دوران ڪپهه جي پوکي، پيداواري مسئلن ۽ جديد زرعي طريقن تي تفصيلي غور ويچار ڪيو ويو ۽ مختلف تجويزن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. فيصلو ڪيو ويو ته آئينده پوکيءَ جي موسم کان اڳ سڀني صوبن سان مشاورت سان هڪ جامع منصوبو تيار ڪيو ويندو ته جيئن ان جي مؤثر عملدرآمد کي يقيني بنائي سگهجي. اجلاس جي پڄاڻيءَ ۾ وفاقي وزير رانا تنوير حسين چيو ته ڪپهه پاڪستان لاءِ هڪ اسٽريٽجڪ فصل جي حيثيت رکي ٿو، جنهن جي ترقيءَ لاءِ حڪومت هر ممڪن قدم کڻي رهي آهي. هن ان ڳالهه تي زور ڀريو ته وفاقي ۽ صوبائي ادارن وچ ۾ مؤثر تعاون وسيلن جو بهتر استعمال ۽ آبادگارن کي مارڪيٽ تائين جوڙڻ لاءِ مضبوط پاليسي فريم ورڪ جوڙيو ويندو. هن ان عزم جو اظهار ڪيو ته وزارت آبادگارن کي درپيش مسئلن جي حل ۽ ڪپهه جي معيشت جي بحاليءَ ۾ پنهنجو مؤثر ڪردار ادا ڪندي رهندي.