ڪراچي-04 جولاءِ (اي پي پي)پيپلز پارٽي سنڌ جي صدر نثار کهڙو چيو آهي ته 5 جولاءِ 1977ع شهيد ڀٽو جي جمهوري حڪومت جو تختو اونڌو ڪرڻ وارو ڏينھن تاريخ جو ڪارو ڏينھن آھي۔ پيپلز پارٽي 18 هين ترميم ذريعي جمهوري حڪومتن کي غير آئيني طور تي ختم ڪرڻ واري رستي کي هميشه لاءِ بند ڪرائي ڇڏيو آهي ۽ 18هين ترميم جي ڪري ملڪ ۾ جمهوريت جو تسلسل برقرار آهي ۽ پارليامينٽ پنھنجو آئيني مدو پورو ڪندي پئي اچي۔ 5 جولاءِ جي مناسبت سان جمعي تي جاري ڪيل بيان ۾ هن چيو ته آئين جي اصل حالت ۾ بحالي ٿيڻ کانپوءِ ڪنهن به جمهوري حڪومت کي بي اعتمادي جي رٿ کانسواءِ ڪنهن به غير آئيني طريقي سان هٽائي نه ٿو سگهجي، ڇاڪاڻ ته هاڻي آئين جي ڀڃڪڙي ڪندڙن کي آرٽيڪل 6 جو ڏوھاري قرار ڏنو ويو آهي.هن چيو ته پيپلز پارٽي پاران 5 جولاءِ 1977ع واري ضياءُ الحق جي آمراڻي عمل ۽ شهيد ڀٽو جي جمهوري حڪومت جو تختو اونڌو ڪرڻ واري ڏينھن کي تاريخ ۾ ڪاري ڏينھن طور ياد ڪيو ويندو ـ ھن چيو آئين کي اصل حالت ۾ بحال ڪرڻ، 18هين ترميم جو ڪريڊٽ پارليامينٽ ۽ صدر آصف زرداري ڏانھن وڃي ٿو. نثار کهڙو چيو ته ملڪ ۾ سمورن مسئلن جو حل جمهوريت جي تسلسل، پارليامينٽ ۽ آئين جي بالادستي ۾ آهي. جيڪڏهن سمورا ادارا پنهنجي دائري ۾ رهي ڪم ڪن ته ملڪ ۾ جمهوريت مضبوط ٿيندي۔