خانڪندي – 04 – جولائي (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف ۽ ازبڪستان جي صدر شوڪت مرزيوئيف پاڪستان ۽ ازبڪستان جي وچ ۾ ٻطرفي ۽ گهڻ رخي سطحن تي جاري مضبوط تعاون تي اطمينان جو اظهار ڪندي واپار ۽ سيڙڪاري، گڏيل رابطن، توانائي، علائقائي سلامتي، ثقافت ۽ عوامي مٽاسٽا سميت مختلف شعبن ۾ تعاون وڌائڻ تي اتفاق ڪيو آهي. ٻنهي اڳواڻن پاڪستان ۽ ازبڪستان جي وچ ۾ پراڻي ڀائراڻي تعاون کي وڌيڪ گهرو ۽ اسٽريٽجڪ بڻائڻ جي عزم جو ورجاءُ ڪيو. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب وزيراعظم محمد شهباز شريف ازبڪستان جي صدر شوڪت مرزيوئيف سان آذربائيجان جي شهر خانڪندي ۾ 17هين اي سي او سربراهي اجلاس جي موقعي تي ملاقات ڪئي. ٻنهي اڳواڻن پاڪستان ۽ ازبڪستان جي وچ ۾ ٻطرفي ۽ گهڻ رخي سطحن تي جاري مضبوط تعاون تي اطمينان جو اظهار ڪيو. وزيراعظم ۽ ازبڪ صدر ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ ثقافتي، تهذيبي ۽ تاريخي لاڳاپن تي زور ڏنو جيڪي ڪيترن ئي شعبن ۾ مضبوط حصيداري جي ٺوس بنياد فراهم ڪن ٿا. ٻنهي اڳواڻن واپار ۽ سيڙپڪاري، گڏيل رابطن، توانائي، علائقائي سلامتي، ثقافت ۽ عوامي مٽاسٽا سميت مختلف شعبن ۾ تعاون وڌائڻ تي اتفاق ڪيو. ملاقات دوران ٻنهي اڳواڻن علائقائي رابطن جي منصوبن خاص طور تي ٽرانس افغان ريلوي منصوبي جي اهميت تي زور ڏنو. ان مقصد جي لاءِ وزيراعظم محمد شهباز شريف ۽ ازبڪ صدر معاهدن کي حتمي شڪل ڏيڻ جي لاءِ پنهنجي سينئر وزيرن جي تاشقند ۽ اسلام آباد جي دورن تي اتفاق ڪيو. ٻنهي اڳواڻن پاڪستان ۽ ازبڪستان جي وچ ۾ پراڻي ڀائراڻي تعاون کي وڌيڪ گهرو ۽ اسٽريٽجڪ بڻائڻ جي عزم جو ورجاءُ ڪيو. ٻنهي اڳواڻن گڏيل دلچسپي جي علائقائي ۽ عالمي مسئلن تي پڻ گڏيل موقف تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي.