خانڪندي – 04 – جولائي (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف ۽ ترڪيه جي صدر رجب طيب اردوان پاڪستان ۽ ترڪيه جي وچ ۾ سمورن اهم شعبن ۾ لاڳاپن ۾ بامعنيٰ اڳڀرائي جي لاءِ پنهنجي عزم جو ورجاءُ ڪيو آهي. ٻنهي اڳواڻن واپار، دفاع، توانائي، علائقائي رابطن ۽ سيڙپڪاري جي شعبن ۾ تعاون کي وڌيڪ مضبوط ڪرڻ جي اهميت تي زور ڏنو آهي. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب وزيراعظم محمد شهباز شريف جي ترڪيه جي صدر رجب طيب اردوان سان 17هين اي سي او سربراهي اجلاس جي موقعي تي ملاقات ٿي. ٻنهي اڳواڻن ترڪيه پاڪستان ٻطرفي لاڳاپن جو جامع جائزو ورتو ۽ اهم علائقائي اڳڀرائي تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي. ٻنهي اڳواڻن پاڪستان ۽ ترڪيه جي وچ ۾ سمورن اهم شعبن ۾ لاڳاپن ۾ بامعنيٰ اڳڀرائي جي لاءِ پنهنجي عزم جو ورجاءُ ڪيو. ٻنهي اڳواڻن واپار، دفاع، توانائي، علائقائي رابطن ۽ سيڙپڪاري جي شعبن ۾ تعاون کي وڌيڪ مضبوط ڪرڻ جي اهميت تي زور ڏنو. ان مقصد جي لاءِ ملاقات ۾ ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ اعليٰ سطحي وفدن جي مٽاسٽا تي اتفاق ٿيو ته جيئن ٻنهي اڳواڻن جي وچ ۾ طئي ٿيندڙ مفاهمت کي جلد حتمي شڪل ڏئي سگهجي. وزيراعظم محمد شهباز شريف خطي ۾ امن، استحڪام ۽ پائيدار ترقي جي گڏيل هدفن کي اڳتي وڌائڻ جي لاءِ ترڪيه سان گڏجي ڪم ڪرڻ جي لاءِ پاڪستان جي اڻٿڪ عزم جو ورجاءُ ڪيو.