ڪراچي-04 جولاءِ (اي پي پي)سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه جي صدارت هيٺ پبلڪ پرائيويٽ پارٽنرشپ پاليسي بورڊ جو 47 هون اجلاس خميس ڏينهن وڏي وزير هائوس ۾ منعقد ٿيو جنهن ۾ صوبي ۾ شهري آمدرفت، فني تعليم، تفريحي ماڳن ۽ روڊ رابطن کي بهتر بڻائڻ لاءِ ڪيترن ئي اهم انفراسٽرڪچر ۽ ترقياتي منصوبن جو جائزو ورتو ويو ۽ منظوري ڏني وئي. بورڊ مختلف ايجنڊا پوائنٽن تي اهم حڪمت عملي وارا فيصلا ڪيا جن ۾ پيپلز گرين ٽرانسپورٽ پروجيڪٽ، اسٽيوٽا تحت ٽيڪنيڪل تعليم ۾ سڌارا، حيدرآباد ۾ راڻي باغ جي بحالي ۽ شاهراهه ڀٽو ڪوريڊور جي اڳڀرائي شامل هئي. ڪراچي جي ٽرانسپورٽ نظام ۾ انقلابي تبديلي آڻڻ لاءِ بورڊ پيپلز گرين ٽرانسپورٽ پروجيڪٽ لاءِ ٽرانزيڪشن ايڊوائيزر مقرر ڪرڻ جي منظوري ڏني، جنهن تحت شهر ۾ 1،000 اليڪٽرڪ بسون متعارف ڪرايون وينديون. ايڊوائيزر هڪ نجي ڪنسورشيم پاران پيش ڪيل يونڪ سيلنگ پروپوزل جو جائزو وٺندا ۽ جيڪڏهن اهو قابل عمل ٿيو ته پي پي پي ماڊل تحت تفصيلي منصوبي تي عمل ڪيو ويندو جنهن ۾ مرحليوار 600 ٻارهن ميٽر ۽ 400 اٺ ميٽر اليڪٽرڪ بسن جي خريداري ۽ آپريشن شامل هوندو. منصوبي تحت 10 بس ڊپو تعمير ڪيا ويندا ۽ 10 سالن جي ڪنسيشن عرصي ۾ في ڪلوميٽر ادائيگي جي بنياد تي بسون هلنديون ان کانپوءِ اثاثا حڪومت کي منتقل ٿيندا. ٽيڪنيڪل ايويليويشن ڪميٽي منصوبي کي پائيدار شهري آمدرفت جي مقصدن سان هم آهنگ قرار ڏنو ۽ اڳ مقرر ڪيل ٽرانزيڪشن ايڊوائيزر ذريعي تيز عملدرآمد جي هدايت ڪئي وئي ته جيئن دير کان بچي سگهجي. بورڊ شاهراهه ڀٽو هاءِ اسپيڊ ڪوريڊور تي اڳڀرائي جو جائزو ورتو جيڪو 39 ڪلوميٽر ڊگهو آهي ۽ ڪورنگي ڪِريڪ ايونيو (ڊي ايڇ اي) کان ايم 9 موٽروَي ڀرسان ڪاٺوڙ تائين وڃي ٿو. ڌاٻيجي اسپيشل اڪنامڪ زون بورڊ ڌاٻيجي اسپيشل اڪنامڪ زون جي منصوبي تي تفصيل سان بحث ڪيو ۽ تعميراتي سرگرمين کي تيز ڪرڻ تي زور ڀريو ته جيئن جلد کان جلد صنعتي سرگرميون شروع ٿي سگهن. بورڊ سنڌ ٽيڪنيڪل ايجوڪيشن اينڊ ووڪيشنل ٽريننگ اٿارٽي جي 83 ادارن جي جديدڪاري لاءِ فيزيبلٽي ۽ ٽرانزيڪشن ايڊوائيزري سروسز لاءِ پي ڊي ايف فنڊنگ جي منظوري جي تجويز جو جائزو ورتو. جنهن جو مقصد انفراسٽرڪچر جي کوٽ، نصاب جي عدم مطابقت ۽ صنعت سان رابطي جي کوٽ جهڙن مسئلن کي حل ڪرڻ آهي. حيدرآباد ۾ راڻي باغ جي بحالي واري منصوبي ۾ نمايان اڳڀرائي ٿي آهي. بورڊ کي ٻڌايو ويو ته ماسٽر پلان کي حيدرآباد ميونسپل ڪارپوريشن ۽ سنڌ ڪابينا منظوري ڏئي چڪا آهن ۽ حتمي ڪنسيشن معاهدو ۽ لاڳاپيل دستاويز دستخط لاءِ تيار آهن. هي منصوبو عوام کي بھتر سهولتون، تفريحي موقعا ۽ اقتصادي سرگرمين کي هٿي ڏيندو، نوان روزگار جا موقعا پيدا ڪندو ۽ مقامي ڪاروبار کي هٿي ڏيندو. بورڊ کي سکر واٽر سپلاءِ پروجيڪٽ جي حدن ۽ ٽرانزيڪشن اسٽرڪچر بابت آگاهي ڏني وئي. بورڊ سکر ميونسپل ڪارپوريشن کي هدايت ڪئي ته هو ٽرانزيڪشن اسٽرڪچر ۽ پريزنٽيشن کي ٻيهر تيار ڪري ايندڙ اجلاس ۾ منظوري لاءِ پيش ڪري.اجلاس ۾ صوبائي وزيرن شرجيل انعام ميمڻ، سعيد غني، ضياءُ الحسن لنجار، چيف سيڪريٽري آصف حيدر شاهه، وڏي وزير جو پرنسپل سيڪريٽري آغا واصف، سيڪريٽري ٽرانسپورٽ / ڊي جي پي پي پي يونٽ اسد ضامن، بورڊ جي ميمبرن ۽ ٻين لاڳاپيل آفيسرن شرڪت ڪئي.