ڪراچي-03 جولاءِ (اي پي پي)سنڌ جي سينئر صوبائي وزير شرجيل انعام ميمڻ چيو آھي ته سنڌ سرڪار محرم الحرام دوران فول پروف سيڪيورٽي انتظامن کي يقيني بڻايو آھي، سنڌ جي وڏي وزير مختلف مڪتب فڪر جي عالمن سان ملاقاتون ڪيون آھن ۽ عزا جي ڏينھن دوران مجلس ۽ جلوسن جي سيڪيورٽي پلان جو  جائزو ورتو آهي، مجلس جي لاءِ 14 هزار 546 جڏھن ته محرم الحرام جي جلوسن جي لاءِ 35 هزار 116 پوليس اھلڪار مقرر ڪيا ويندا. ڪراچي ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي سنڌ جي سينئر صوبائي وزير شرجيل انعام ميمڻ چيو ته ڪراچي حيدرآباد، سکر، لاڙڪاڻي، ميرپورخاص ۽ شھيد بينظير آباد ۾ 8 کان 10 محرم الحرام دوران مجموعي طور تي49 هزار 662 پوليس اھلڪار مقرر رھندا ته جيئن ڪنھن به اڻ وڻندڙ واقعي کان بچي سگھجي. شرجيل انعام ميمڻ چيو تھ ڪمشنر ڪراچي 15 اپريل 2025ع تي ھڪ نوٽيفڪيشن جاري ڪيو، جنھن تحت شھر جي 11 وڏين شاھران تي چنگچي رڪشائن جي آمدورفت تي پابندي لاڳو ڪئي وئي. ھن واضح ڪيو ته ھي پابندي پوري ڪراچي نه پر مخصوص مرڪزن روڊن تائين محدود آھي ۽ ھي قدم سنڌ موٽر وھيڪل آرڊيننس 1965 تحت کنيو ويو آھي. ھن چيو ته ٽريفڪ کي منظم ڪرڻ ۽ شھرين کي سھولت ڏيڻ حڪومت جو انتظامي اختيار آھي ھن سوال اُٿاريو تھ ڇا ملڪ جي ڪنھن ٻئي حصي ۾ بھ مرڪزي شاھراھن تي چنگچي رڪشا ھلندا آھن؟ تعليم جي شعبي تي ڳالھائيندي سينئر وزير شرجيل انعام ميمڻ چيو تھ سنڌ سرڪار سڄي صوبي ۾ 93118 استاد ڀرتي ڪيا آھن جن مان 58613 مرد ۽ 31075 عورتون شامل آھن، اقليتن جي ڪوٽا تحت 2100 استادن کي مقرر ڪيو آھي. ھن چيو تھ ھي ڀرتيون مڪمل شفافيت سان آءِ بي اي ٽيسٽ ذريعي ڪيون ويون ۽ اُنھن ڀرتين تي ڪوبھ آڱر کڻي نھ ٿو سگھي، اُنھن قدمن جي ڪري 5000 بند پيل اسڪول ٻيھر کُلي ويا آھن، سنڌ جي سرڪاري اسڪولن ۾ 55 لک، خانگي اسڪولن ۾ 40 لک جڏھن تھ سنڌ ايجوڪيشن فائونڊيشن جي اسڪولن ۾ 10 لک ٻار تعليم پرائي رھيا آھن.سينئر وزير شرجيل انعام ميمڻ ھڪ سوال جي جواب ۾ چيو ته سنڌ سرڪار صحت، توانائي، انفرا اسٽرڪچر ۽ موسمياتي تبديلي جھڙن اھم شعبن ۾ به انقلابي قدم کنيا آھن، 2022ع جي وڏي تباھي واري ٻوڏ بعد سنڌ سرڪار 21 لک گھرن جي تعمير جو ٽارگيٽ شروع ڪيو ۽ بلاول ڀٽو زرداري موسمياتي تبديلي تي عالمي سطح تي آواز اُٿاريو، جڏھن تھ سنڌ سرڪار ماحولياتي تحفظ کي ھٿي وٺرائڻ لاءِ  تمر جي وڏي پيماني تي وڻڪاري لاءِ قدم کنيا. ھڪ سوال جي جواب ۾ شرجيل انعام ميمڻ چيو تھ علي امين گنڊاپور کي اپوزيشن جي ضرورت ئي ناھي، ھو پاڻ پنھنجي اپوزيشن آھي، ڪي پي ڪي ۾ امن امان جي صورتحال خراب آھي ۽ اُتي جو وڏو وزير اسلام آباد تي چڙھائي جي ڳالهھ ڪري رھيو آھي جڏھن ته پنھنجي صوبي جي مسئلن کان اڻڄاڻ آھي. ھڪ ٻئي سوال ٿي هن چيو ته سنڌ سرڪار تنقيد برداشت ڪندي آھي، پر ڪو بھ حڪومت کي ڊڪٽيٽ ڪري نھ ٿو سگھي.