ڪراچي-01 جولاءِ (اي پي پي) سنڌ جي توانائي، ترقيات ۽ رٿابندي واري صوبائي وزير سيد ناصر حسين شاهه چيو آهي ته سنڌ انرجِي هولڊنگ ڪمپني هن مالي سال لاءِ 113 ملين رپين جو هدف حاصل ڪيو آهي، جڏهن ته ايندڙ مالي سال 2025-26 لاءِ 266 ملين رپين جو هدف مقرر ڪيو ويو آهي. اهڙو اظهار هن سنڌ انرجِي هولڊنگ ڪمپني (لميٽڊ) جي هڪ اهم اجلاس جي صدارت ڪندي ڪيو. ان موقعي تي سيد ناصر شاهه هدايت ڪئي ته سنڌ انرجِي هولڊنگ ڪمپني صرف انهن آئل اينڊ گيس سيڪٽرن ۾ سيڙپڪاري ڪري جتي ڪمپني کي منافعو يقيني هجي. هن وڌيڪ هدايت ڪئي ته ايس اي ايڇ ڪمپني بابت تجويزن جي هڪ سمري سنڌ جي وڏي وزير لاءِ تيار ڪئي وڃي، جيئن وڏي وزير جي هدايتن مطابق اڳتي قدم کنيا وڃن ۽ منصوبابندي ڪئي وڃي. ناصر شاهه چيو ته گهٽ ۾ گهٽ خطري وارن منصوبن ۾ سيڙپڪاري ڪئي وڃي. وزير توانائي وڌيڪ هدايت ڪئي ته ڀرتي مڪمل طور ميرٽ جي بنياد تي ڪئي وڃي، جڏهن ته مقامي ماڻهن کي ترجيح ڏني وڃي پر جيڪڏهن لاڳاپيل علائقن ۾ معيار موجب اميدوار موجود نه هجن ته هر لاڳاپيل ضلعي مان ميرٽ تي اميدوار چونڊيا وڃن. هن چيو ته جتي آئل اينڊ گيس دريافت ٿيندي، روزگار جو پهريون حق ان علائقي جي ماڻهن ۽ پڙهيل نوجوانن جو آهي. ان موقعي تي طفيل احمد کوسو اجلاس کي بريف ڪندي ٻڌايو ته ڪمپني پاران ڪيل سيڙپڪاري جي نتيجي ۾ ايندڙ چار سالن تائين ڪمپني کي 250 ملين رپين جو ساليانو منافعو ٿيندو. توانائي واري وزير کي وڌيڪ ٻڌايو ويو ته 2023-24 ۾ ڪمپني آئل اينڊ گيس سيڪٽر ۾ 34 ملين رپين ۽ 2024-25 ۾ 105 ملين رپين جي سيڙپڪاري ڪئي آهي، جنهن جو مطلب آهي ته گذريل سال جي مقابلي ۾ هن سال 209 سيڪڙو وڌيڪ سيڙپڪاري ڪئي وئي آهي. اجلاس ۾ توانائي کاتي جي سيڪريٽري مشتاق احمد سومرو، ايڊيشنل سيڪريٽري زين العابدين، ايم ڊي ٿرڪول انرجِي بورڊ طارق علي شاهه، سي اي او ايس ٽي ڊي سي سليم احمد شيخ، سينيئر جي ايم ٽيڪنيڪل ايس ٽي ڊي سي طاق سعيد سميت ٻين لاڳاپيل آفيسرن شرڪت ڪئي.