دبئي-01 جولاءِ (اي پي پي) دبئي ۾ پاڪستان جي قونصل جنرل حسين محمد، گنيز ورلڊ رڪارڊ قائم ڪرڻ ۾ معاونت تي قونصليٽ طرفان ”شراڪت جو سرٽيفڪيٽ“ وصول ڪيو. اهو رڪارڊ 24،514 انساني هٿن جا نقش جو استعمال ڪندي گڏيل عرب امارات جو سڀ کان وڏو جهنڊو ٺاهي قائم ڪيو ويو. قونصل خاني طرفان جاري ڪيل بيان مطابق اهو شاندار ڪارنامو 8 مئي 2025ع تي پاڪستان ايسوسيايشن آف دبئي، ايمريٽس لوز پاڪستان ۽ رباب زهرا انجام ڏنو.