اسلام آباد-01 جولاءِ (اي پي پي) قومي ورثي بابت وفاقي وزير محمد اورنگزيب کچي سان جمهوريه ايٿوپيا جي پاڪستان ۾ خاص نمائندي ۽ سفير ڊاڪٽر جمال بقر ملاقات ڪئي. ملاقات جي موقعي تي قومي ورثي ۽ ثقافت وارو سيڪريٽري به موجود هو. وفاقي وزير معزز مهمان جي آجيان ڪئي ۽ کيس گلدستو پيش ڪيو. ملاقات دوران ٻنهي ملڪن وچ ۾ ثقافتي ۽ عوامي سطح تي لاڳاپن کي وڌيڪ مضبوط بنائڻ تي تفصيلي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. ايٿوپين سفير پاڪستان جي باري ۾ پنهنجي جذبن جو اظهار ڪندي چيو ته پاڪستان مون کي بيحد پسند آهي، مان لاهور، ڪراچي ۽ اسلام آباد وڃي چڪو آهيان ۽ هتان جي ماڻهن کي انتهائي محبت ڪندڙ ۽ مهمان نواز ڏٺو. هن پنهنجي تعليم، پيشيوراڻي ڪيريئر ۽ ايٿوپيا جي تاريخي اهميت کي به اجاگر ڪيو. وفاقي وزير پاڪستاني جاگرافيائي ۽ ثقافتي ورثي بابت تفصيلن کان سفير کي آگاهه ڪيو. وفاقي وزير چيو ته پاڪستان ۽ ايٿوپيا جي ثقافتي منصوبن تي ڪم ڪري سگهون ٿا ۽ ٻئي ملڪ ان شعبي ۾ گڏيل سهڪار کي وڌائڻ لاءِ جائزو وٺي رهيا آهيون. ملاقات ۾ گڏيل عوامي رابطن ۽ ويجهي سهڪار کي وڌيڪ هٿي ڏيڻ تي به اتفاق ڪيو ويو. سفير تجويز ڏني ته ٻنهي ملڪن وچ ۾ ثقافتي يادداشتن تي صحيح ڪري گڏيل سهڪار کي وڌيڪ وڌائي سگهجي ٿو. ملاقات دوران ٻنهي ڌُرين طرفان ان ڳالهه تي زور ڀريو ويو ته ٻنهي ملڪن وچ ۾ ثقافتي سرگرمين کي وڌيڪ وسعت ڏني وڃي ڇاڪاڻ ته ٻنهي ملڪن جو ثقافتي ورثو مختلف قسم رکندڙ ۽ مالامال آهي. سفير واپار کي هٿي وٺرائڻ لاءِ ثقافت کي پُل طور استعمال ڪرڻ جي تجويز پڻ ڏني، جنهن کي وفاقي وزير ساراهيو ۽ چيو ته ثقافت ذريعي ٻنهي ملڪن جي عوام وچ ۾ لاڳاپا وڌيڪ گهرا ۽ معنيٰ ڏيندڙ ٿي سگهن ٿا. سفير، وفاقي وزير کي ٻُڌايو ته ڪتاب ”ميڊيمر جنريشن“ جيڪو وفاقي جمهوريه ايٿوپيا جي وزيراعظم ڊاڪٽر ابي احمد جو لکيل آهي، پاڪستان حڪومت جي “African Corner Initiative” تحت قومي ڪتاب گهر پاڪستان (نيشنل لائبريري آف پاڪستان) جي ذخيري ۾ باقاعده طور تي شامل ڪيو ويو آهي ۽ نيشنل لينگوئج پروموشن کاتو ان ڪتاب جو اردو ۾ ترجمو پڻ ڪندو.