اسلام آباد-01 جولاءِ (اي پي پي) آءِ ٽي ۽ ٽيلي ڪميونيڪيشن واري وفاقي وزير شزه فاطمه خواجه چيو آهي ته ٻارن ۽ نوجوان نسل کي شروعات ۾ ئي ڪمپيوٽر، اي آءِ ۽ ايمرجنگ ٽيڪنالاجيز جي تعليم ڏيڻ وقت جي اهم ضرورت آهي، وزيراعظم جي هدايت تي آءِ ٽي وزارت جي بجيٽ سان اسلام آباد جي 532 اسڪولن ۾ فائبر آپٽڪ ۽ هاءِ اسپيڊ انٽرنيٽ فراهم ڪئي ويندي، 100 کان وڌيڪ مڊل اسڪولن ۽ ڪاليجن ۾ اسمارٽ ليبز، سمارٽ ڪلاس رومز ۽ سمارٽ اسڪرينز قائم ڪيون ويون آهن. وزارت مان جاري بيان موجب هن چيو ته ايمرجنگ ٽيڪنالاجيز جي تعليم هاڻي وقت جي ضرورت آهي، هر ٻار کي بهتر کان بهتر تعليم ڏيڻ حڪومت جي پهرين ترجيح آهي. هن چيو ته وزيراعظم جو ڊجيٽل نيشنل پاڪستان ويزن باصلاحيت انساني وسيلن تي ٻَڌل آهي، وزيراعظم آءِ ٽي نصاب بابت هاءِ ليول ڪميٽي جوڙي آهي، ڪميٽي اسڪولن ۽ ڪاليجن جي گريجوئيٽ شاگردن کي ملازمت لاءِ اهليت تي خاص زور ڀريو. هن چيو ته وزيراعظم جي هدايت تي آءِ ٽي جي بجيٽ سان اسلام آباد جي 532 اسڪولن ۾ فائبر آپٽڪ ۽ هاءِ اسپيڊ انٽرنيٽ فراهم ڪئي ويندي، نصاب جيتوڻيڪ صوبائي معاملو آهي، هائر ايجوڪيشن ڪميشن، تعليم واري وزارت ۽ نيشنل ڪريڪولم ڪائونسل گڏيل طور تي نصاب تي ڪم ڪري رهي آهي، وفاقي تعليمي ادارن لاءِ 6 کان 12هين ڪلاسن تائين اي آءِ ۽ آءِ ٽي نصاب جو جائزو ورتو پيو وڃي. هن چيو ته هڪ هزار کان وڌيڪ استادن کي اي آءِ ۾ بنيادي تربيت ڏني وئي آهي، گرمين جي موڪلن ۾ استادن جي اي آءِ ٽريننگ وڌيڪ اثرائتي ۽ جامع بنائي ويندي. ايڊٽيڪ اسٽارٽ اپس وارن نجي شعبي جي نوجوانن کي به نظام ۾ شامل ڪنداسين. هن چيو ته نيشنل اي آءِ پاليسي تحت 10 هزار اي آءِ ٽرينرز تيار ڪرڻ جو عمل شروع ٿي چڪو آهي، وزيراعظم جي چين جي دؤري ۾ هواوي سان 3 لک ٻارن جي تربيت جو معاهدو ٿيو، ان معاهدي تحت 200 کان وڌيڪ شاگردن جي تربيت مڪمل ٿي چڪي آهي، هلندڙ سال ٽارگيٽ مڪمل ٿيندو، گوگل ۽ مائڪرو سافٽ جي سرٽيفيڪيشن به ڪرائي ويندي، وزيراعظم آءِ ٽي وزارت جو هدف تبديل ڪري ڇڏيو آهي جنهن ۾ پهريان ٽريننگ جو انگ اهم هو، هاڻي روزگار ۽ عملي اثرن کي ترجيح ڏني پئي وڃي.