برسلز-01 جولاءِ (اي پي پي) بيلجيئم، لڪسمبرگ ۽ يورپي يونين لاءِ پاڪستان جي سفير رحيم حيات قريشي بيلجيئم ۽ لڪسمبرگ ۾ هنگري جي سفير تماس آيون ڪواڪس سان ملاقات ڪئي، جنهن ۾ پاڪستان ۽ هنگري وچ ۾ وڌندڙ لاڳاپن ۽ گڏيل دلچسپي جي علائقائي معاملن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. سفارتخاني جي ايڪس تي پوسٽ مطابق سفير رحيم حيات قريشي، خوبصورت هنگرين چانسري جو دورو ڪيو ۽ سفير ڪواڪس جي فيملي سان به ملاقات ڪئي. اي