گڏيل قومون -01 جولاءِ (اي پي پي) پاڪستان دهشتگردي جي خطري کي اثرائتي نموني منهن ڏيڻ  لاءِ دهشتگردي جي بنيادي سببن جي خاتمي کي اهم قدم قرار ڏيندي ان ڳالهه تي زور ڀريو آهي ته دهشتگردي کي منهن ڏيڻ جي ڪوششن واري حصي طور پراڻن تڪرارن کي حل ڪرڻ جي ضرورت آهي. گڏيل قومن ۾ پاڪستان جي مستقل نمائندي عاصم افتخار احمد گڏيل قومن جي دهشتگردي واري ڍانچي جي نئين سر جوڙجڪ تي غور ڪرڻ لاءِ منعقد يو اين  80 قدمن ۽ گڏيل قومن جي دهشتگردي واري ڍانچي جي مستقبل بابت سفير جي سطح جي مشاورتي اجلاس دوران چيو ته گڏيل قومن جي دهشتگردي جي ڳالهين کي نه رڳو رد عمل طور پر بنيادي ۽ روڪٿام جي عمل طور به ڌيان ڏيڻ گهرجي. يو اين 80 انيشيئيٽو جو هلندڙ سال مارچ ۾ گڏيل قومن جي سيڪريٽري جنرل انتونيو گوتريش جاري ڪيو. تيزي سان بدلجندڙ دنيا ۾ اداره جاتي سطح تي گڏيل قومن جي هڪجهڙائي جي تصديق، دهشتگردي خلاف ڪارروائين کي هموار ڪرڻ ۽ ڪارروائين جي اثرن کي تيز ڪرڻ لاءِ ڪم ڪري رهيو آهي. اجلاس ۾ پاڪستاني نمائندي چيو ته بنيادي ۽ حفاظتي عملن ۾ ڊگهي حل طلب تڪرارن جو حل، پرڏيهي مداخلت ۽ قبضي جي خاتمي، دهشتگردي جي خاتمي جي بهاني ناانصافي، ڏاڍ ۽ عالمي قانونن جي ڀڃڪڙين جو ازالو ڪرڻ شامل آهي. هن چيو ته اسان کي دهشتگردي ۽ پرڏيهي قبضي خلاف جائز جدوجهد ۽ خوداراديت واري حق  وچ ۾ پڻ واضح طور تي فرق ڪرڻ گهرجي. پاڪستاني نمائندي ان ڳالهه تي زور ڀريندي چيو ته گڏيل قومن جي دهشتگردي جي آفيس (يو اين او سي ٽي) جي ميمبر ملڪن طرفان دهشتگردي جي خاتمي وارن قدمن جي غلط استعمال کي روڪڻ لاءِ انساني حقن ۽ قانون جي حڪمراني جي احترام کي به مربوط ڪرڻ گهرجي. هن چيو ته اسان انهن مسئلن کي حل ڪرڻ ۾ جيتري به دير ڪنداسين، اسان جون ڪوششون ايتريون ئي بي اثر ٿينديون وينديون. پاڪستاني نمائندي  چيو ته گڏيل قومن جي دهشتگردي جي ڍانچي ۾ نئين ۽ اڀرندڙ خطرن کي شامل ڪرڻ ۽ اسلام ۽ مسلمانن جي بدنامي جي خاتمي لاءِ پابندين جي نظام ۾ مناسبت تبديلين سان گڏ سڌارن جي ضرورت آهي.  هن ڪيترن ئي ملڪن ۾ ساڄي ڌر، انتهاپسند ۽ فاشسٽ تحريڪن جي اڀرڻ ۾ اضافي جو حوالو ڏيندي چيو ته ان باوجود اسان دهشتگردي جي غير مسلم ڪارروائين رڳو پرتشدد ڏوهه طور ڏسڻ ڏانهن هڪ مضبوط جهڪاءُ ڏسون ٿا.  هن ان ڳالهه تي به روشني وڌي ته گڏيل قومن جي سلامتي ڪائونسل جي دهشتگردي جي فهرست ۾ ڪي به غير مسلم دهشتگرد ناهن، ان کي تبديل ٿيڻ گهرجي. ان سلسلي ۾ پاڪستاني نمائندي گڏيل قومن جي دهشتگردي جي عالمي حڪمت عملي کي مڪمل لاڳو ڪرڻ لاءِ متوازن نقطئه نظر تي به زور ڀريو. هن چيو ته پاڪستان بنيادي طور تي دهشتگردي جو شڪار آهي، جنهن 80 هزار کان وڌيڪ حياتيون ضايع ڪيون ۽ پنهنجي معيشت کي اربين ڊالرن جو نقصان پهچايو.