نئين دهلي-30 جون (اي پي پي) ڀارت جي رياست تلنگانه ۾ ڪيميڪل فيڪٽري ۾ ڌماڪي سبب 8 ڄڻا اجل جو شڪار ۽ 26 زخمي ٿي پيا، جنهن ۾ ڪجهه جي حالت ڳڻتي جوڳي آهي. پرڏيهي ميڊيا مطابق پوليس ٻڌايو آهي ته اهو ڌماڪو تلنگانه جي گادي واري شهر حيدرآباد کان لڳ ڀڳ 48 ڪلو ميٽر اتر اولهه ۾ سنگاريڊي ضلعي جي شهر پتانچيرو جي صنعتي علائقي پشاميلرام ۾ ٿيو. هن چيو ته زخمين ۾ ڪجهه جي حالت ڳڻتي جوڳي هجڻ سبب فوتين ۾ اضافو ٿي سگهي ٿو. اطلاعن مطابق ڌماڪي جي وقت فيڪٽري ۾ 150 جي ويجهو پورهيت موجود هئا. پوليس طرفان شروعاتي جاچ ۾ انڪشاف ٿيو آهي ته فيڪٽري ۾ معمول جو ڪم دوران هڪ ري ايڪٽر ڦاٽي پيو، جنهن سبب وڏي پيماني تي باهه لڳي وئي، واقعي جو اطلاع ملڻ تي ايمرجنسي رسپانس ٽيمون موقعي تي پهچي ويون. سينيئر پوليس اهلڪار ميڊيا کي ٻڌايو ته فائر فائٽرز باهه تي ضابطو آڻڻ جي ڀرپور ڪوشش ڪري رهيا آهن.