اسلام آباد-30 جون (اي پي پي) صنعتن ۽ پيداوار بابت وزيراعظم جي خاص مددگار هارون اختر سان فيجي نيشنل يونيورسٽي (ايف اين يو) تي ٻَڌل 4 رڪني عالمي وفد اسلام آباد ۾ ملاقات ڪئي. ملاقات ۾ زرعي شعبي، ڪمند جي پيداوار، موسمياتي تبديلي ۽ پرڏيهي سيڙپڪارن جهڙن مختلف معاملن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. ان دؤري جو مقصد پاڪستان جي جديد زرعي تجربن مان سکڻ ۽ ٻه طرفي تعاون کي هٿي ڏيڻ آهي. فيجي جو هي وفد 30 جون کان 4 جولاءِ تائين پاڪستان جي دؤري تي آهي ۽ پاڻي بچائيندڙ آبپاشي، سمارٽ فارمنگ، ڊرون ۽ زرعي شين (اي آءِ) جي ٽيڪنالاجي ۽ ڊيري فارمنگ جهڙن جديد زرعي طريقن ۾ خصوصي دلچسپي رکي ٿي. ان موقعي تي هارون اختر چيو ته پاڪستان قدرتي وسيلن سان مالامال آهي، خاص طور تي زرعي شعبي ۾ سيڙپڪاريءَ جا بي پناهه موقعا موجود آهن. هن چيو ته موسيماتي تبديلي جهڙن چئلينجن باوجود پاڪستاني قوم محنتي ۽ حوصلي مند آهي. هن وڌيڪ چيو ته وزيراعظم شهباز شريف جي ويزن تحت پاڪستان پائيدار معاشي ترقي جي راهه اختيار ڪئي آهي. هن حڪومت جي اهم قدمن جهڙوڪ اليڪٽرڪ وهيڪل پاليسي، صنعتي پاليسي ۽ سياحت جي بحالي تي قومي ترقي جي طرف مثبت اڳڀرائي قرار ڏنو. هارون اختر ان ڳالهه تي زور ڀريو ته پاڪستان ۽ فيجي وچ ۾ زرعي واپار کي وڌيڪ هٿي ڏئي سگهجي ٿي ۽ پائيدار حصيداري قائم ڪرڻ وقت جي ضرورت آهي. فيجي جي وفد وزيراعظم شهباز شريف جي اڳواڻ ۽ ويزن کي ساراهيو ۽ پاڪستان جي ترقيءَ لاءِ ان جي ڪوششن جي ساراهه ڪئي. هارون اختر ۽ فيجي وفد هڪٻئي کي يادگاري تحفا پيش ڪيا.