لاهور-30 جون (اي پي پي) رٿابندي، ترقيءَ واري وفاقي وزير پروفيسر احسن اقبال چيو آهي ته ”اُڏار پاڪستان“ اسان جي قومي اقتصادي تبديليءَ جي حڪمت عملي آهي، پاڪستان کي 2035ع تائين هڪ کرب ڊالرن جي معيشت بنائڻ جو هدف آهي، هاڻ هڪ اهڙي سول سروس نظام جي ضرورت آهي، جيڪو ضابطن سان مقصدن تي به ٻَڌل هجي. اهڙو اظهار هن اسڪول آف پبلڪ پاليسي ۾ 123هين نيشنل مئنجمينٽ ڪورس جي افتتاحي تقريب کي خطاب ڪندي ڪيو. وفاقي وزير احسن اقبال چيو ته سول سروس سسٽم ڊگهي عرصي کان پاڪستان جي سول سروس جي قيادت کي آزمائڻ، نکارڻ ۽ قومي خدمت لاءِ تيار ڪرڻ جو اهم ذريعو آهي، اوهان ملڪ جي بهترين آفيسرن ۾ شامل آهيو، ايندڙ سالن ۾ اوهان جون خدمتون اسان جي وطن جي ترقي جي رُخ جو تعين ڪرڻ ۾ اهم ڪردار ادا ڪنديون. هن چيو ته هي ڪورس صرف هڪ تعليمي مشق ناهي پر هڪ قومي احتساب جو لمحو پڻ آهي، هاڻ پاڻ کي پاڪستان جي تبديليءَ جي فرنٽ لائن فورس طور ٻيهر تصور ڪرڻو پوندو. هي ڪارڪردگي جو تضاد آهي ته ذهين ماڻهو هڪ ناڪاري نظام کي ڇو صحيح نٿا ڪري سگهن. هي هڪ تلخ حقيقت آهي جنهن کي اسان کي ديانتداريءَ سان مُنهن ڏيڻو پوندو. هن چيو ته انفرادي طور اسان جي سول سرونٽس ملڪ جي ذهين ترين ماڻهن ۾ شامل آهي پر اجتماعي طور سول سروس سسٽم اهي نتيجا فراهم ڪرڻ ۾ ناڪام رهي آهي جن جو اسان جو عوام حقدار آهي، اسان جو تعليمي نظام ڇو ناڪام ٿي رهيو آهي؟ صحت جون سهولتون ملڪ جي وڏي حصي ۾ ناقابل رسائي يا غير فعال ڇو آهن؟ بنيادي ڍانچي جا منصوبا ڇو رڪجي وڃن ٿا ۽ لازمي خدمتون ڇو دير جو شڪار ٿين ٿيون؟ رياستي ادارن تي عوام جو اعتماد ڇو ختم ٿي رهيو آهي؟ اهو اسان جو الميو آهي ته اسان وٽ ذهين ماڻهو ته آهن پر نظام اهي نتيجا نه ڏئي رهي آهي جيڪي گهربل آهن، خرابي ماڻهن ۾ نه پُراڻي مُدي خارج قاعدن، خطري کان بچڻ جي ثقافت ۽ نتيجن لاءِ جوابدهي جي کوٽ ۾ آهي. احسن اقبال چيو ته اسان کي هڪ اهڙي سول سروس نظام جي ضرورت آهي جيڪا ضابطن سان گڏوگڏ مقصد تي به ٻڌل هجي. هن چيو ته دنيا اڄ تيزيءَ سان ٽيڪنالاجي، جاگرافيائي سياست، آبادياتي تبديلي ۽ ماحولياتي چئلينجز کي مُنهن ڏئي رهي آهي، چوٿون صنعتي انقلاب معيشتن جي ڪم ڪرڻ جي طريقي ۽ حڪومتن جي عوامي خدمتن جي فراهميءَ کي تبديل ڪري رهيو آهي. هوڏانهن پاڪستان هڪ اهم موڙ تي بيٺل آهي. هن چيو ته اسان کي معيشت کي لاهن چاڙهن جي چڪر مان ڪڍڻو آهي. گورننس کي ٻيهر معتبر بنائڻو آهي. ترقيءَ جو ماڊل امداد تي ڀاڙڻ کان ڪڍي روانگي واپار ۽ پيداوار تي ٻَڌل بنائڻو آهي، هي سڀ ڪجهه پُراڻي طريقيڪار سان ممڪن ناهي. وفاقي وزير چيو ته اسان کي هڪ 21هين صدي جي اهڙي سول سروس جي ضرورت آهي جيڪو ڊيٽا سان ليس، ٽيڪنالاجي سان جڙيل، پاليسي تي ٻڌل ۽ نتيجن لاءِ جوابده هجي. هن وڌيڪ چيو ته اسٽار گورننس ماڊل سول سروس لاءِ هڪ نئون ضابطو آهي، اسان وفاقي ادارن ۾ ان گورننس ماڊل کي هٿي ڏني آهي هو اسٽار ماڊل آهي جنهن ۾ استحڪام هجي، اهڙا ادارا بنايون جيڪي پاليسيءَ ۾ مستقل مزاجيءَ سان گڏ سياسي عدم استحڪام کان محفوظ هجن جنهن نظام ۾ شفافيت هجي هر فيصلي ۽ هر رپئي جو حساب سڀني آڏو هجي، ڇاڪاڻ ته شفافيت سان اعتماد پيدا ٿئي ٿو، هي سسٽم چست هجي جنهن ۾ بيورو ڪريسيءَ کي فوري، لچڪدار ۽ حالتن موجب هئڻ گهرجي، هي نظام ذميداريءَ تي ٻڌل هجي جنهن ۾ سول سرونٽس کي ديانتداري ۽ جوابداريءَ سان عوامي وسيلن جو محافظ هئڻ گهرجي. وفاقي وزير چيو ته هي صرف هڪ نظريو نه پر هڪ اهڙو عملي خاڪو آهي جيڪو منصوبا بندي، قانونسازي ۽ خدمتن جي فراهميءَ کي ڪهڙيءَ ريت بهتر بنائي. هن چيو ته جڏهن مون کي سي پيڪ جي قيادت سونپي وئي ته هي هڪ جرائتمنداڻو ۽ ڀرپور منصوبو هو جنهن ۾ توانائي، انفراسٽرڪچر، گوادر، صنعتي زونز سڀ ڪجهه محدود وقت ۾ مڪمل ڪرڻو هو ۽ ان منصوبي جي شروعاتي ڪاميابي جو سبب اوهان ماڻهو هئا. پروفيسر احسن اقبال چيو ته سول سروٽس جن مختلف وزارتن، صوبن ۽ ادارن ۾ گڏجي ڀرپور محنت ڪئي اسان 25 ارب ڊالرن جي سيڙپڪاري کي متحرڪ ڪيو، توانائي ۽ انفراسٽرڪچر جا وڏا منصوبا مڪمل ڪيا ۽ پاڪستان کي هڪ علائقائي حب طور پيش ڪيو. هن چيو ته سي پيڪ ان ڳالهه جو چِٽو مثال آهي ته جڏهن سول سروس ۾ مشن، قيادت ۽ مقصد هجي ته وڏا هدف به حاصل ڪري سگهجن ٿا. هن چيو ته هڪ کرب ڊالرن جو ويزن اُڏام پاڪستان ۽ فائيو ايز اڄ اسان جو هدف آهن ته جيئن پاڪستان کي 2035ع تائين هڪ کرب ڊالرن جي معيشت بنايو وڃي. اُڏام پاڪستان اسان جي قومي اقتصادي تبديليءَ جي حڪمت عملي آهي جيڪو فائيو ايز تي ٻَڌل آهي جنهن ۾ پهرين روانگي واپار، ٻي اِي پاڪستان، ٽين ماحولياتي غذائي ۽ آبي تحفظ، چوٿون توانائي جو بنيادي ڍانچو ۽ پنجون برابري ۽ بااختياري شامل آهي. هن چيو ته اوهان روانگي واپار دوست پاليسي بنايو، ريگيوليٽري جو بار گهٽ ڪريو، مقامي صنعت ڪلسٽرز کي هٿي ڏيو، قانونن کان اڳتي وڌي چٽاڀيٽي کي ترجيح ڏيو، سرڪاري خدمتن کي ڊجيٽلائيز ڪيو، فائل تي ٻَڌل سسٽم کي ڊجيٽل گورننس طرف منتقل ڪريو، ماحولياتي معيار لاڳو ڪريو، زراعت ۽ پاڻيءَ جي انتظام ۾ ٽيڪنالاجي آڻيو، ماحولياتي تباهيءَ کان پائيدار ترقيءَ طرف رهنمائي ڪريو ۽ نوجوانن، عورتن ۽ پٺتي پيل علائقن کي بااختيار بنايو.