تل ابيب-30 جون (اي پي پي) اسرائيلي شهرين، والاريل اولهندي ڪناري جي علائقي رام الله قائم جاسوسي لاءِ استعمال ٿيندڙ اسرائيلي فوجي اڏي تي ڪاهه ڪري ان ۾ ڀڃ ڊاهه ڪئي ۽ باهه ڏئي ڇڏي. پرڏيهي ميڊيا مطابق اسرائيل جي قومي سلامتي واري وزير اتمار بن گوير، اسرائيلي شهرين جي فوجي اڏي تي حملي کي ريڊ لائين قرار ڏيندي ان جي ذميوارن کي انتهائي سختي سان منهن ڏيڻ جي هدايت ڪئي آهي. ان واقعي ۾ يهودي آبادڪارن، اسرائيلي سيڪيورٽي فورسز تي حملو ڪيو، انهن تي مِرچن جو اسپري ڪيو ۽ فوجي گاڏين کي نقصان پهچايو. حملو ڪندڙن کي ڇڙوڇڙ ڪرڻ لاءِ اسرائيلي فوج جي ڪارروائي ۾ هڪ اسرائيلي شهري زخمي ٿيو.