رياض – 30 جون (اي پي پي) سعودي عرب جي دفاع واري وزير شھزاده خالد بن سلمان بن العزيز سان اسلامي جمھوريه ايران جي ھٿياربند فوج جي چيف آف جنرل اسٽاف ميجر جنرل عبدالرحيم موسوي رابطو ڪيو آھي. پرڏيھي ميڊيا مطابق ٻنھي اڳواڻن وچ ۾ ٿيل ٽيليفونڪ رابطي دوران دفاعي شعبي ۾ ٻه طرفن لاڳاپن جو جائزو ورتو ويو. ٻنھي اڳواڻن خطي جي صورتحال ۾ ٿيندڙ تازي اڳڀرائي ۽ امن ۽ استحڪام کي برقرار رکڻ جي ڪوششن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي آھي.