بيجنگ -29 جون (اي پي پي) ميلان سرمائي اولمپڪس جي سرڪاري ويب سائيٽ چيو آهي، ته ميلان سرمائي اولمپڪس جي آرگنائيزنگ ڪميٽي ۽ چائنا ميڊيا گروپ تعاون جي هڪ يادداشت تي صحيحيون ڪيون آهن ۽ چائنا ميڊيا گروپ باضابطا طور ميلان سرمائي اولمپڪس جي براڊ ڪاسٽنگ حق رکندڙ نشرياتي ايجنسي بڻجي وئي آهي، معاهدي موجب ٻئي ڌريون 2026ع ۾ ميلان سرمائي اولمپڪس بابت سرگرمين کي هٿي ڏيڻ ۽ نشريات ۾ سهڪار کي مضبوط ڪنديون، جن ۾ ڪيترن ئي تعاون جا منصوبا جهڙوڪ ميٽريل ۽ ميڊيا جي گڏيل پروڊڪشن، راندين ۽ سرمائي راندين کي هٿي ڏيڻ ۽ اطالوي ۽ چيني سرمائي اولمپڪ ثقافت کي هٿي ڏيڻ لاءِ تعاون ڪندا. واضح رهي ته مارچ 2021ع جي شروع ۾ چائنا ميڊيا گروپ عالمي اولمپڪ ڪميٽي سان هڪ معاهدي ذريعي 2026ع جي ميلان سرمائي اولمپڪس لاءِ چائنيز مين لينڊ ۾ خصوصي ٽيليويزن جي نشريات جا حق حاصل ڪري ورتا هئا. هلندڙ مهيني جي 23 تاريخ تي چائنا ميڊيا گروپ جي سربراهه شن هائي شيونگ ۽ اطالوي اولمپڪ ڪميٽي جي صدر ۽ 2026ع ميلان سرمائي اولمپڪس آرگنائيزنگ ڪميٽي جي چيئرمين جيواني ملاگو سوئٽزرلينڊ جي شهر لوازن ۾ ڌرين طرفان هڪ تعاون جي يادداشت تي صحيحيون ڪيون.