راولپنڊي، 29 جون (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف سياسي اڳواڻ چوڌري نثار جي رهائشگاهه تي ساڻس مُلاقات ڪئي، ملاقات ۾ وزيراعظم چوڌري نثار جي خيريت پڇي. ملاقات دوران قومي ۽ بين الاقوامي صورتحال تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي. ٻنهي اڳواڻن جي وچ ۾ ملاقات تمام خوشگوار ماحول ۾ ٿي ۽ ٻنهي ڄڻن ماضي جون يادون تازيون ڪيون.