راولپنڊي-29 جون (اي پي پي) سيڪيورٽي فورسز بلوچستان جي ضلعي دڪي ۾ ڳجهي اطلاع تي ٻڌل آپريشن دوران ڀارتي پراڪسي فتنه الهندوستان سان تعلق رکندڙ ٻن ڀارتي اسپانسرڊ دهشتگردن کي ماري ڇڏيو جڏهن ته ٻن دهشتگردن کي گرفتار ڪري ورتو. آءِ ايس پي آر موجب سيڪيورٽي فورسز 28 جون 2025ع تي بلوچستان جي ضلعي دڪي ۾ ڀارتي پراڪسي، فتنه الهندوستان سان واسطو رکندڙ دهشتگردن جي موجودگي جي اطلاع تي انٽيليجنس تي ٻڌل آپريشن ڪيو، آپريشن دوران سيڪيورٽي فورسز اثرائتي انداز ۾ ڀارتي اسپانسرڊ دهشتگردن جي ٺڪاڻن جو پتو لڳايو ۽ شديد فائرنگ جي ڏي وٺ ۾ ٻن ڀارتي اسپانسرڊ دهشتگردن کي ماري ڇڏيو، جڏهن ته ٻن دهشتگردن کي گرفتار ڪري ورتو. ڀارتي اسپانسرڊ دهشتگردن وٽان هٿيار ۽ ڌماڪيدار مواد پڻ هٿ ڪيو ويو، جيڪي علائقي ۾ دهشتگردي جي ڪيترين ئي ڪاررواين ۾ سرگرم هئا. آءِ ايس پي آر چيو آهي ته علائقي ۾ موجود ڪنهن ٻئي دهشتگرد کي ختم ڪرڻ لاءِ سيني ٽائيزيشن آپريشن ڪيو پيو وڃي. پاڪستان جي سيڪيورٽي فورسز ملڪ مان ڀارتي اسپانسرڊ دهشتگردي جي لعنت کي ختم ڪرڻ لاءِ پرعزم آهي ۽ دهشتگردن کي انصاف جي ڪٽهڙي ۾ آڻڻ لاءِ قوم جي پختي عزم جو ورجاءُ ڪري ٿي.