اسلام آباد -29 جون (اي پي پي) وفاقي گهرو وزير محسن نقوي سي ايم ايڇ پهتو ۽ اتر وزيرستان ۾ فتنه الهندستان جي دهشتگردن جي بزدلاڻي حملي ۾ سيڪيورٽي فورسز جي زخمي جوانن جي عيادت ڪئي ۽ زخمي جوانن جي بلند حوصلي کي ساراهيو. گهرو وزارت پاران جاري بيان مطابق گهرو وزير زخمي جوانن جي خيريت معلوم ڪئي ۽ سندن جلد صحتيابي لاءِ دعا پڻ ڪئي.گهرو وزير چيو ته اوهان جو حوصلو ڏسي دهشتگردي خلاف جنگ ۾ اسان جو عزم وڌيڪ مضبوط ٿيو آهي. محسن نقوي چيو ته اوهان پاڪستان جا بهادر سپوت آهيو ۽ اوهان جو غير معمولي جذبو ڏسي اسان جو ڪنڌ فخر وچان اوچو ٿي ويو آهي. گهرو وزير چيو ته جنهن قوم وٽ اوهان جهڙا بهادر پٽ هجن ان کي ڪو به دشمن شڪست نٿو ڏئي سگهي. پوري قوم وطن عزيز جي بهادر جوانن سان گڏڌ آهي ۽ سڀ اوهان جي جلد صحتيابي لاءِ دعاڳو آهن. ان موقعي تي آءِ جي پوليس خيبر پختونخوا پڻ گهرو وزير سان گڏ زخمين جي عيادت ڪئي.